اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته خطي ۾ امن لاءِ ڀارت کي پهريون قدم کڻڻو پوندو، جتي ٿورڙا ماڻهو امير ۽ غريبن جو سمنڊ هجي اهو ملڪ محفوظ ناهي هوندو، خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي. اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي قومي ويزن تي عمل پيرا آهي، وزيراعظم چيو ته سلامتي جي گهرج آهي ته اسان پاڪستان جي عام شهرين کي محفوظ بڻايون ۽ کين زندگي جون ضرورتون فراهم ڪيون وڃن. افتتاحي سيشن ۾ وزيراعظم کي نئين جامع سيڪيورٽي فريم ورڪ جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪو اقتصادي ترقي جي بنياد سان گڏوگڏ عسڪري، معاشي ۽ انساني سلامتي جي ٽن ٿنڀن تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اقتصادي سلامتي جي ترجيحي رابطا، ملڪي ۽ علائقائي امن ۽ دنيا سان ترقياتي حصيداري آهن. وزيراعظم قومي سلامتي ڊويزن کي ان فريم ورڪ جي جوڙجڪ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪ فوج، انٽيلي جنس ۽ سويلين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته هڪ حقيقي محفوظ ملڪ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اسان کي پاڪستان جي عام شهرين کي محفوظ بنائڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي ۾ اڄ ڪيترائي رُخ شامل آهن جنهن کي گذريل ڏهاڪن ۾ نظر انداز ڪيو ويندو رهيو ان ۾ موسمياتي سيڪيورٽي، خوراڪ جو تحفظ ۽ اقتصادي خوشحال شامل آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته قومي وسيلن کي وڌائڻ ۽ انهن وسيلن کي انساني ڀلائي ۽ ترقي ۽ مضبوط دفاع لاءِ استعمال ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊالر جي ٻاهر وڃڻ سان وڌيڪ ڊالر ملڪ ۾ آڻڻ گهرجن. هن چيو ته خساري ۾ روپيو ڪمزور، مهانگائي ۾ اضافو ۽ غربت وڌندي آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪرنٽ خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ، برآمدات ۽ سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت عالمي سطح تي تسليم ٿيل 10 بلين ٽري سونامي سميت موسمياتي سلامتي جي خصوصي پروگرام تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ موسمياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ سنجيده مسئلو بڻجي سگهي ٿي ۽ موجوده حڪومت موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ان معاملي جي جامع سلامتي فريم ورڪ ۾ ڏسي خوشي ٿي، وزيراعظم چيو ته حڪومت احساس ۽ پناهگاهه پروگرامن جي ذريعي عوامي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻايو آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ مڪمل شفافيت سان سڀ کان وڌيڪ روڪ رقم ورهائي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ حڪومت ڪووڊ – 19 وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي آهي ۽ غريب طبقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، سڄي دنيا اسان جي ڪاميابين کي تسليم ڪري ٿي. علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڙيسري ۾ امن کانسواءِ معاشي خوشحالي برقرار نٿي رهي سگهي، اهو ئي سبب آهي ته خطي ۾ امن انهن جو ويزن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ راهداري مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هن چيو ته ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي موجب ڪشميرين جو خودمختياري واري حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن حڪومت ۾ ايندي ئي ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر بدقسمتي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غير قانوني قدم کنيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير بنيادي تڪرار آهي، جيڪڏهن ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏئي ڪشمير جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي ته ان جو ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته ڀارت کي پهريون قدم کڻڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ سياسي حل جو خواهشمند آهي جيڪو پائيدار امن جو باعث بڻجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن خطي جي رابطي جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم جو قومي سلامتي دويزن ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي پلاننگ وارو خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته ايڊوائيزري پورٽل پاليسي سازي کي وڌيڪ جامع بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان جي ذريعي ٿنڪ ٽينڪس ۽ يورنيورسٽيون قويم سلامتي ڊويزن کي قومي سلامتي بابت سڌو سنئون پاليسي سفارشون فراهم ڪري سگهنديون. وزيراعظم پورٽل جي قيام تي قومي سلامتي ڊويزن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شموليت جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو هڪ مثال قرار ڏنو.
279