263

ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ 61 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 2351 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 61 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2351 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 351 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 33 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، بهاولپور 27 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 43 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 31 سيڪڙو،  گجرات ۾ 67 سيڪڙو  ۽  اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 799 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 878، پنجاب ۾ 16 هزار 132، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 1، اسلام آباد ۾ 5 هزار 260، بلوچستان ۾ 545، گلگت بلتستان ۾ 334، آزاد ڪشمير ۾ 649 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 75 هزار 867 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 263 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 22 هزار 792 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 12 هزار 315 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 11 هزار 161، بلوچستان ۾ 19 هزار 247، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 965، اسلام آباد ۾ 48 هزار 938، خيبرپختونخواهه ۾ 76 هزار 819، پنجاب ۾ 1 لک 89 هزار 362 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 61 هزار 823 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 13 هزار 656 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 468 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾  جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 5 هزار 853 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 مريض  اسپتالن ۾ ۽ هڪ گهر ۾ قرنطينه دوران  فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 179 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 529 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 202 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 103 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 322 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 96 لک 3 هزار 865 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 487 مريض علاج هيٺ آهن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو