202

چوڌري شگر ملز ڪيس: نيب مريم نواز کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق نيب چوڌري شگرملز ڪيس ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي حوالي سان نيب لاهور کي نوان ثبوت هٿ آيا آهن، جنهن جي روشني ۾ نيب جي جاچ ٽيم کي مريم نواز کان پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، ان سلسلي ۾ نيب مريم نواز کي 26 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي رکي آهي، جنهن تي مريم نواز ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو