241

آصف علي زرداري جي پنهنجي سياست آهي، نواز شريف واپس اچي سگهي ٿو پر زندگي ۽ موت جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف کي واپس ڏيهه اچڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر زندگي ۽ موت جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ نظر پئي آيو، اڳ ۾ ئي چيو هو ته مولانا فضل الرحمان سان دوکو ٿيندو، پي ڊي ايم جي سياست کي وڏو ڌڪ رسيو آهي، مولانا فضل الرحمان پهرين لانگ مارچ ڪيو هو ۽ هڪ سال اڳ اسلام آباد ۾ ڌرڻو پڻ هنيو هو، اهو تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي، مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون استعيفيٰ ڏيڻ نه ٿيون چاهين، ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ميمبر اهو ضرور سوچين ٿا ته تڪ ۾ سندن مقابلو ڪنهن سان ٿيندو؟ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ رمضان المبارڪ آهي ۽ پوءِ عيدالفطر کانپوءِ ئي ان منصوبي جي خبر پئجي ويندي. نواز شريف بابت شيخ رشيد چيو ته نواز شريف کي واپس اچڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر زندگي يا موت جي ضمانت نه ٿا ڏئي سگهون، اهو ته الله جي هٿ ۾ آهي، جيڪو اسان جي اختيار ۾ آهي اهو اسان ڪري سگهون ٿا، نواز شريف جي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، کيس ڏيهه واپسي جي اجازت ان صورت ۾ ڏينداسين ته هو گهرو وزارت کي لکت ۾ درخواست ڏيندو، جنهن کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر کيس اجازت نامو جاري ڪيو ويندو. مريم نواز پاران حڪومت کي قاتل چوڻ بابت شيخ رشيد چيو ته اهو سڀني جي سوچ جو فرق آهي، مان ان اجلاس ۾ شامل هئس، جڏهن بينظير ڀٽو کي چيو ويو ته هو لياقت باغ راولپنڊي ۽ پشاور ۾ جلسا نه ڪري پر هن ائين نه ڪيو، هاڻوڪي وقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪراچي، پشاور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جا خدشا آهن پر ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتر آهي، ڪنهن جي حياتي کي ڪنهن وقت خطرو آهي اهو الله بهتر ڄاڻي ٿو . استعيفائن بابت آصف زرداري جي موقف تي شيخ رشيد چيو ته آصف علي زرداري جي پنهنجي سياست آهي، هن سينيٽ کي حاصل ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، ٻن کان ٽن مهينن اندر سياست جي خبر پئجي ويندي ڇاڪاڻ ته ريلي ۽ لانگ مارچ لاءِ تياري جي تمام گهڻي ضرورت آهي. پي ڊي ايم بابت شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڪافي اختلاف آهن، هي ماڻهو پاڻ ۾ متحد ناهن، بس هي عمران خان خلاف گڏ ٿيا هئا، پي ڊي ايم اجلاس ۾ جيڪو فيصلو  ٿيو اهو حڪومت ۽ گهرو وزارت لاءِ بهتر ٿيو، اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، لانگ مارچ جي صورت ۾ وائرس وڌيڪ پکڙجي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو