182

پنجاب جي گهرو کاتي ڊسڪا چونڊ رمضان شريف کانپوءِ ڪرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اين اي 75 ڊسڪا جي ننڍي چونڊ بابت پنجاب جي گهرو کاتي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي. پنجاب حڪومت ڊسڪا ۾ ڇڪتاڻ واري حالتن سبب رمضان کانپوءِ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنجاب جي گهرو کاتي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ دوران تشدد وارن واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا، ان لاءِ ڊسڪا اين اي 75 ۾ هن وقت تائين ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ عوام ۾ خوف واري صورتحال آهي، جنهن سان ٻيهر چونڊن دوران ٽرن آئوٽ متاثر ٿي سگهي ٿو. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين پاران ٻاهريان آندل هٿياربند ٻيهر پولنگ ۾ متحرڪ ٿي سگهن ٿا، ڊسڪا ۾ نئين انتظاميا کي ٻيهر پرامن چونڊ ڪرائڻ لاءِ وقت گهربل آهي ۽ ڊسڪا تي حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ وقت لڳندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو