ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ڀرسان گهر جي بيٺڪ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي سميت 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس مطابق ڪوئيٽا جي علائقي ٽي اينڊ ٽي ڪالوني ۾ محمد طارق نالي شخص جي بيٺڪ تي روزانو سندس دوست اچي ويهندا هئا، جتي گذريل رات دير سان هڪ هٿياربند شخص فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو محمد طارق ۽ سندس دوست موقعي تي مارجي ويا. پوليس مطابق محمد طارق جا ٻيا دوست ان وقت موجود نه هئا، شڪ آهي ته سندس دوستن ئي فائرنگ ڪرائي آهي. پوليس مطابق جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.
203