اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ن ليگ جي قائد ميان نواز شريف سان فون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران پي ڊي ايم جي ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز شريف سان رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۽ فيصلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار پڻ ڪيو. گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ مخالف ڌر پارٽين ۾ استعيفائن ۽ لانگ مارچ بابت اختلاف سامهون آيا هئا، استعيفائن تي اختلافن کانپوءِ پي ڊي ايم لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو هو. مولانا فضل الرحمان ٻڌايو ته پي ڊي ايم جون 9 پارٽيون لانگ مارچ کي استعيفائن سان لاڳاپيل هجڻ جي حق ۾ آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي ان تي خدشا آهن ۽ هن پنهنجي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس تائين ان حوالي سان مهلت گهري آهي، ان ڪري پيپلز پارٽي جي استعيفائن واري فيصلي تائين 26 مارچ تي ٿيندڙ لانگ مارچ کي ملتوي سمجهيو وڃي.
238