243

سنڌ جو ابن بطوطه ۽ سڄڻ تنھنجي سار ڪتابن جي منهن ڏيکائي…

ليکڪ: قاضي جاويد سنائي

اڄ کان هڪ صدي اڳ 1923ع ۾ لکيل ڪتاب ”حجاز نامو“ جنهن ۾ سفر نامي سان گڏ شاعري پڻ شامل آهي، هن ڪتاب کي سنڌوءَ ڪناري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ نبي بخش چانڊيو لکيو، جيڪو قلمي نسخي ۾ هو، نبي بخش خان چانڊيو جي باري ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ” جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته حاجي نبي بخش صاحب 1858 ڌاري ڄائو، غريب گهر جو فرد هو، پڙهي تپيدار جي نوڪري ورتي، جتان سپروائيزر ٿي پينشن تي لٿو، ڪجهھ زمين خريد ڪري انهيءَ کي سڌاري خوش گذارڻ لڳو، نيٺ ڪمشنر جو درباري ٿي ويو پر جڏھن سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس گڏ ٿي ته حاجي صاحب پينشن جي بند ٿيڻ جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ سرائي ميان ولي محمد خان چانڊيو سان گڏ ڪمشنر جي درباري ڪرسيءَ تان دستبردار ٿيو، حاجي صاحب سن جي قاضي محمد اڪمل سنائي وٽ پڙهيو، ان ڪري اهي لاڳاپا قائم رکندو آيو، پاڻ نهايت خوش اخلاق، ڪارآمد ماڻھو هو، حج تان واپسي تي ڪتاب ”حجاز نامو“ لکيائين، حاجي صاحب 9 جنوري 1933 ۾ وفات ڪئي، مرحوم نبي بخش خان چانڊيو جي لکيل هن قلمي نسخي کي سهيڙي ۽ تحقيق ڪري ڪتابي صورت ۾ ماڻڪ ملاح آندو، جنهن جو نالو رکيو ويو ”هن ڪتاب ”سنڌ جو ابن بطوطه“ کي سنڌ جي ڪامل ولي، استادالعلماءُ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي ڄاڻو شاعر ۽ عالم قاضي ميان محمد اڪمل سنائي کي ارپيو ويو آهي، جيڪو حاجي نبي بخش خان چانڊيو جو استاد هو، جنهن جي صحبت ۾ سنڌ کي حاجي نبي بخش خان چانڊيو جهڙو مڻيادار مليو، مونکي ( صاحب تحرير) قاضي جاويد سنائي کي فخر آهي ته مان ان عظيم هستي قاضي محمد اڪمل سنائي جو پوٽو آهيان، هن ڪتاب جي منهن ڏيکائي ويهڪ سنڌوءَ ڪناري تاريخي ۽ علمي ڳوٺ سرائي مراد علي چانڊيو ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت نامياري دانشور جامي چانڊيو ڪئي، جڏھن ته مک مهمانن ۾ اديب ادل سومرو، شاعر تاج جويو، پروفيسر امداد چانڊيو، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، معشوق ڌاريجو، غلام رسول چانڊيو ۽ رکيل مورائي شامل هئا، جامي چانڊيو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ماڻڪ ملاح سنڌ جو ابن بطوطه مرتب ڪري تاريخ جا وساريل ورق اسان جي سامهون آڻي نه صرف پاڻ هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي پر اسان تي به احسان ڪيو آهي جو ان هستي بابت ڄاڻ ملي، هن چيو ته ڪتاب ۾ جنهن عظيم شخصيت نبي بخش چانڊيو جو لکيل ” حجاز نامي“ جو ذڪر ٿيل آهي سو به ڪمال جو آهي، نبي بخش چانڊيو جي شاعري مان محسوس ٿئي ٿو ته هُو لطيف شناسائي جو تمام گهڻو نه صرف ڄاڻو هو پر سندس شاعري ۾ ڀٽائي سائينءَ جو عڪس نظر اچي ٿو، جامي ڇانڊيو وڌيڪ چيو ته لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ 1923 ۾ ڪتاب لکڻ يا شاعري ڪرڻ نبي بخش چانڊيو جي شخصيت جو اُڀار آهي ته ڇا ته هي عظيم انسان هو، سندس سفر نامي واري تحرير مان عربستان جون بيان ڪيل نا انصافيون پڻ ظاهري طور لکيل آهن، جامي چانڊيو اهو به چيو ته سائين جي ايم سيد ۽ نبي بخش چانڊيو جي عمر ۾ 45 سالن جو فرق هو پر سندن سنڌ خاطر ڪيل ڪچهرين ۽ خط و ڪتابت مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته هڪ ته نبي بخش چانڊيو ۾ ننڍ وڏائي کانسواءِ خدمت جو جذبو موجود هو، ٻيو ته 15 سالن جي عمر ۾ به جي ايم سيد ايترو قابل هو جو ساڻس صلاح مشورا ڪيا ويندا هئا. ڪتاب ترتيب ڏيندڙ ماڻڪ ملاح چيو ته ڪتاب سنڌ جو ابن بطوطه ڇپرائڻ ۾ مونکي اتساھه ڏيڻ واري شخصيت رئيس فرمان علي چانڊيو هو، جنهن جي خواهش هئي ته سندن خاندان جي وڏي نبي بخش چانڊيو تي ڪتاب اچڻ گهرجي، سندس خواهش موجب ئي ڪتاب ترتيب ڏيڻ شروع ڪيم پر افسوس جو زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ هُو ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ئي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، هن وڌيڪ چيو ته نبي بخش چانڊيو جو حجاز نامو ۽ ادب و شاعري مان سندس قابليت ظاهر ٿئي ٿي، جنهن جو سبب سندس ڪامل استاد به آهي، ڇاڪاڻ جو غير معمولي ڪم اهي ئي ڪندا آهن جن جا استاد ڪامل هجن، ماڻڪ ملاح ٻڌايو ته نبي بخش چانڊيو جو استاد قاضي محمد اڪمل سنائي هو جنهن جو پوٽو قاضي جاويد سنائي اڄ به پنهنجي وڏن جي نقش قدم تي وت ۽ وس آهر ڪم ڪري رهيو آهي، اڄ هن پروگرام ۾ سندس موجودگي ۽ اسٽيج تي ويٺل سنڌي ادب جي ڪريم کي ڏسي ايتري خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان جو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان، بس ايترو چوندس ته سندن وڏا وڙ جو منهنجي سڏ تي ڪهي آيا، ان کان اڳ سراج احمد چانڊيو آجياڻو پيش ڪيو، جهانگير ڏاهري ڪتاب جو مهاڳ پيش ڪيو. شاهنواز خاصخيلي قومي گيت پيش ڪيو. جڏھن ته ميزبان رئيس واجد خان چانڊيو آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هوڏانهن فرمان خان چانڊيو جي پڳدار پُٽَ رئيس علي بخش خان چانڊيو مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايا، مهورتي تقريب ۾ نور احمد لاکو ، علي نواز چانڊيو ، نظر محمد انڙ ، حنيف سومرو ، يونس چانڊيو ، اياز مهر سميت ڪيترائي اديب ۽ شاعر موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو