ليکڪ: محمد فاروق ٻرڙو
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر جي تيزي سان پکڙجڻ جون خبرون آهن ۽ ان وبا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار نوان اپاءَ وٺڻ جا اعلان ڪيا آهن، عوام جو ھڪ وڏو انگ اڄ به ڪورونا واري وائرس واري مرض بابت نه رڳو انڪاري آهي، پر ان بيماري يا وائرس کي ھڪ عالمي سازش قرار ڏيئي ان کي رد ڪندو نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي اھڙا حلقا به آھن، جيڪي ڪورونا وائرس بابت پنهنجي پنهنجي تشريح ڪري رھيا آھن، ڪجهھ جو خيال آهي ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ جن تدبيرن جي ورجائي ورجائي ھدايت ڪئي وڃي ٿي، يعني صابڻ سان ٿوري ٿوري دير يا ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ھٿ ڌوئڻ کان وٺي صفائي وارن سڀني اصولن تي امير ماڻهو آسانيءَ سان عمل ڪري سگھن ٿا، جڏهن ته غريب ماڻهو ته پاڻ ئي غريبي واري وائرس سان جھيڙيندي زندگي گذاري ٿو، جيڪو وائرس ڪورونا وائرس کان وڌيڪ سگھارو وائرس آهي، اسان جيئن ته مفروضن تي يقين نه ٿا رکون ۽ اسان عالمي صورت حال کي آڏو رکي سڄي دنيا جي ملڪن جو جائزو وٺي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته تڏهن اھا ڳالھه ضرور نظر اچي ٿي ته اسان جو ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا کان گھٽ متاثر آهي، اسان ان کي عالمي سازش به ان ڪري قبول نه ٿا ڪريون ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس ھڪ عالمي سازش آهي ته پوءِ ان وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر به اھي ئي ملڪ آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ جنگ جي آڙ ۾ اسان جھڙن غريب ملڪن خلاف سازشون ڪن ٿا ۽ انھن سازشن جي نتيجي ۾ پنھنجن مفادن جو پورائو ڪن ٿا، بھرحال اسان سڄي دنيا جي ملڪن سان گڏ آھيون، جيڪي ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۾ ئي ان بيماري کان بچاءَ جو حل ٻڌائين ٿا، ھاڻ جيئن ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ نيون نيون ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اھا حقيقت آھي ته عوام ڪورونا وائرس پکڙجڻ وارن شروعاتي اعلانن تي خوش دلي سان عمل ته ڪيو ھو پر ان عمل جي نتيجي ۾ عام ماڻهن جي جيڪا حالت ٿي تنھن ھر ڪنھن کي ڪنن تي ھٿ لائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي عوام جي اڪثريت (آڻيون ۽ چاڙھيون) واري آهي، جن مان لکين ماڻهو اھڙا آھن جيڪي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پنھنجو رت ۽ پگھر وھائي مس وڃي ڪي ماني جا ٻه گرھ کائڻ جھڙا ٿين ٿا اھڙي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ جيڪڏهن لاڪ ڊائون جي نالي ۾ سڄو ملڪ بند ٿي ويو ته پوءِ ڪو ماڻهو ڪنھن کان ٻه رپيا گھرڻ جي به لائق نٿو رھي، اسان اھا ڳالهھ ڪنھن جذباتي حوالي سان نه لکي رهيا آھيون، پر اسان اھي منظر وڏن شهرن ۾ اکين سان ڏٺا به آھن اھڙي ريت اسان جڏهن دڪاندارن ۽ مختلف قسم جا واپار ڪندڙن کي ڏٺو ھو ته تن جي حالت به روئڻ جھڙي نظر آئي ھئي، يعني اھي جيڪڏهن دڪان کولي به ويھن پيا ته وٽن خريداري لاءِ ڪو به نه ٿي آيو، جنھن ڪري لکين واپاري ۽ دوڪاندار ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو ايندي ڏٺا ويا، جيئن ته ڪورونا وائرس تي ضابطو اچڻ وارين خبرن کان پوءِ زندگي جو ڪاروهنوار ته شروع ٿي ويو پر جيڪو معاشي نقصان ٿيو، ان جو اڃا ازالو ئي نه ٿيو ھو ته ھڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جو آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ جن انسانن جون حياتيون کسڻ لاءِ اچڻ وارا اعلان ٻڌايا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ وفاقي سرڪار اھا دعوا ڪئي آهي ته تعليمي ادارا بند نه ڪيا ويندا، جيڪا ڳالهھ حوصلو ڏيندڙ ضرور آهي پر انھن تعليمي ادارن مان سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگرد ايس او پيز تي ڪيئن عمل ڪري سگھندا تنھن بابت وفاقي يا سنڌ سرڪار ڪو به اعلان نه ڪيو آهي، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ گھڻو ڪري اھي ٻار پڙھن ٿا، جيڪي غريب گهراڻن سان واسطو رکندڙ آهن، ڪن وٽ ته اسڪول جي ڊريس به نه آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪيل اعلانن ۾ جيڪي ماسڪن، صابڻن، سينيٽائيزرن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي اهي سرڪار اسڪولن ۾ مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪري ته جيئن ٻارڙن کي بچائي سگهجي.