261

ارسا پاران سنڌ سان ناجائزيون ڪيستائين هلنديون..؟؟

ايڊيٽوريل

سنڌ سان ارسا جي ارهه زورائي جاري آهي، سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي فراهم نه ڪيو، هن وقت سکر بئراج تي صرف 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهٽ فراهمي ٿي رهي آهي، ڪپهه جي پوک پاڻي کوٽ سبب سخت متاثر ٿي وئي آهي، ايوان زراعت سنڌ ارسا اختيارين کان هلندڙ خريف جي مند ۾ فوري طور سکر بئراج تي 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي انڊيٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ هلندڙ خريف جي مند ۾ سکر بئراج تي صرف 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي ٿيڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪپهه جي فصل جي پوک شروع ٿي وئي آهي، سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ سبب ڪپهه جي پوک متاثر ٿي رهي آهي، اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته وفاقي حڪومت ٻاهران ڪپهه جي خريداري تي وڏو ناڻو خرچ ڪري رهي آهي، اهو بچائڻ لاءِ ڪپهه جو امدادي اگهه 5 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ملڪ ۾ ڪپهه جي فصل جي پوک کي هٿي ڏياري وڃي، آبادگارن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل مارڪيٽ ۾ لهڻ شروع ٿي ويو آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار فوري طور تي 20 مارچ تائين سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري جا مرڪز قائم ڪري، حقيقي آبادگارن کي بارداڻو فراهم ڪري، ڪڻڪ خريداري جو هدف 14 لک ميٽرڪ ٽن مان وڌائي 20 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪيو وڃي، آبادگارن ڪپهه جو نج ٻج مارڪيٽ ۾ نه ملڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته صوبي ۾ ريسرچ سينٽر قائم ڪري ٻج جي تياري لاءِ تحرڪ ورتو وڃي، اجلاس ۾ آبادگارن برسات متاثر رهيل ضلعن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آبادگارن جا فصل انشورنس ٿيل آهن، ان ڪري اسٽيٽ بئنڪ انشورنس ڪمپنين کان آبادگارن کي کي فصلن جي ٿيل انشورنس جا پئسا ڏياري ۽ آبادگارن جو زرعي قرض معاف ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته ايل بي او ڊي گذريل سال برساتن ۾ وڏي تباهي مچائي، لکين ماڻهو بي گهر ۽ لکين ايڪڙ زمين فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب اربين رپين جو نقصان ٿيو، ان ڪري فوري طور تي ايل بي او ڊي تي ڪم ڪرائي، پراڻ کي ايل بي او ڊي کان الڳ ڪري، پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي گسن تان ٿيل قبضا ختم ڪرائي وهڪرا بحال ڪرايا وڃن، اجلاس ۾ آبادگارن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بصر ۽ ٽماٽي جو اگهه ڪرڻ سبب ان جي فوري ايڪسپورٽ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن ۽ متاثر آبادگارن کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سندن مالي مدد ڪئي وڃي ۽ ٽنڊو محمد خان جي سم نالي فور آر ۽ 5 ايل جي کاٽي ڪرائي وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته آبادگارن پاران اٿاريل سمورا نقطه اهم آهن، پر سڀ کان اهم نقطو سنڌ جي پاڻي جو آهي، ڇو ته پاڻي نه صرف جياپي جو اهم ذريعو آهي پر ان کانسواءِ فصلن جو پوکجڻ به ممڪن نه آهي، ان ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته ايل بي او ڊي جو رهيل ڪم پڻ ضروري آهي، مستقبل ۾ وڌيڪ نقصانن کان بچڻ لاءِ رهيل ڪم ضرور ڪرايو وڃي ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ هن وقت ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿل آهي ۽ ان لاءِ هن وقت تائين خريداري سينٽر نه کلڻ پڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، اهڙي عمل سان واپاري مافيا فائدو وٺي رهي آهي، ان ڪري سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري جا سينٽر کولي شفافيت سان مستحق ۽ حقدار واپارين کي باردانو ڏئي سرڪار ڪڻڪ خريد ڪري ته جيئن اسان اڳتي لاءِ اٽي جي بحران کان بچي سگهون، ڇو ته هن وقت به سڄي ملڪ ۾ سنڌ ۾ اٽو وڌيڪ مهانگو آهي، ان حقيقت کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو