249

وزيراعظم عمران خان پهرين پاليسي ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين پاليسي ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، اهو پورٽل 100 کان وڌيڪ ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ماهرن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي. ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪندي وزيراعظم عمران خان ان قدم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جا نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن پر انهن جو قدر نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته پورٽل جو قيام صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي. ايڊوائيزري پورٽل هڪ خصوصي ۽ جامع پليٽ ارم آهي جنهن جي ذريعي جامع قومي سلامتي جي موضوع تي ڪم ڪندڙ وڏا ٿنڪ ٽينڪس ۽ يورنيورسٽيون پنهنجي پاليسي سفارشون سڌو سنئون قومي قيادت تائين پهچائي سگهن ٿيون. وزيراعظم جو قومي سلامتي دويزن ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي پلاننگ  وارو خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته پورٽل جي قيام جو مقصد دانشورن ۽ پاليسي سازن جي وچ ۾ ڏٺل فرق کي ختم ڪرڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو