251

ندا ياسر مون کي 21 ٿڦڙون هنيون: عدنان ٽيپو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪار عدنان شاهه ٽيپو انڪشاف ڪيو آهي ته ميزبان ۽ اداڪاره ندا ياسر سيٽ تي کيس 21 ٿڦڙون هنيون. عدنيان شاهه ٽيپو هڪ ويب شو ۾ پنهنجي 23 سالن جي ڪيريئر دوران پيش ايندڙ دلچسپ واقعن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. عدنان ٽيپو ٻڌايو ته هڪ سين هو، جنهن ۾ مون کي ندا ياسر جي ڳري هٿ سان ٿڦڙ کائڻي هئي ۽ ان جي ڪري سيٽ تي ندا ياسر مون کي 21 ٿڦڙون هنيون. هن چيو ته ندا ياسر جي وزني هٿ سان ٿڦڙون کائي کائي مٿي کي چڪر اچي ويا. عدنان جي جواب تي ميزبان کلندي چيو ته جيڪڏهن ندا ياسر اهڙي ريت ياسر نواز سان ڪري ته ان جو ڇا ٿيندو؟ جنهن تي عدنان ٽيپو جواب ڏنو ته ندا ياسر ان سان ته محبت سان پيش ٿيندي هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو