201

ڊزني ۾ ڪم ڪرڻ دوران سڃاڻپ واري زيادتي ڪئي: ڊيمي لوويٽو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڳائڻي ڊيمي لوويٽو سال 2000ع ۾ ڊزني چئنل ۾ ڪم ڪرڻ دوران هڪ سڃاڻپ واري هٿان زيادتي جو نشانو بڻجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ڳائڻي ڊيمي چيو آهي ته کيس ان ماڻهو کي هر وقت ڏسڻو پوندو هو، پر ان جو نالو ٻڌائي نٿي سگهان. هن چيو ته گهٽ عمر ۾ زيادتي جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف پنهنجي يوٽيوب ڊاڪيومينٽري ”ڊانسنگ ود ڊيول“ ۾ ڪري چڪي آهيان. هن چيو ته هڪ مهيني کانپوءِ مون ان شخص کي واپس سڏايو ۽ سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه به ٿيو ان کانپوءِ مان خراب محسوس ڪري رهي هئس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو