283

نائجيريا ۾ مسافر بس تي هٿياربندن جو حملو، 58 ڄڻا مارجي ويا

ابوجا(ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ مسافر بس تي هٿياربندن جي حملي ۾ 58 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري نائجيريا جي حڪومتي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مالي جي سرحد ويجهو اتر تلابيري واري علائقي باني بانگو وٽ مال پڙي تان واپس آيل مسافرن جي بس کي روڪي مٿن ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 58 مسافر ٿڏي تي مارجي ويا آهن. جڏهن ته ڪجهه مقامي ذريعن فوتگين جو انگ 65 ٻڌايو آهي. واقعي بعد ڄاڻايل علائقي ۽ مال پڙي کي بند ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو