نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ تڪراري زرعي قانونن خلاف اڃا تائين هارين جو احتجاج جاري آهي، اوڀر پنجاب جي مختلف علا.ئقن ۾ هارين زرعي ڪاري قانون خلاف جلسا منعقد ڪيا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ مطابق هاري اڳواڻ گرنام سنگهه چيو آهي ته پنجاب شروع ٿيل هارين جي تحريڪ هاڻي سڄي ڀارت ۾ پکڙجي چڪي آهي. اوڀر پنجاب جي مختلف علا.ئقن ۾ هارين جا زرعي ڪاري قانون خلاف جلسا ۽ جلوس جاري آهن. هارين جي جلسن ۾ عورتن جي پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت جاري آهي. هاري اڳواڻن جي اولهه بنگال جي رياستي اليڪشن ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي خلاف ڀرپور مهم جاري آهي. آمريڪي پارلياماني رپورٽ ۾ ڀارت جي مجموعي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. رپورٽ ۾ هارين سميت اقليتن سان اڻبرابري واري سلوڪ کي غير جمهوري قرار ڏنو ويو آهي.
201