264

سوئيڊن، ليٽويا ۽ وينزويلا پڻ ايسٽرازينيڪا ويڪسين جو استعمال رد ڪري ڇڏيو

اسٽاڪ هوم(ويب ڊيسڪ) سوئيڊن، ليٽويا ۽ وينزويلا پڻ ايسٽرازينيڪا ويڪسين جو استعمال روڪڻ وارن 12 کان وڌيڪ يورپي ملڪن ۾ شامل ٿي ويا آهن. چيني خابرو اداري مطابق سوئيڊن، ليٽويا ۽ وينزويلا رت ڄمڻ جي واقعن کانپوءِ ايسٽرازينيڪا ويڪسين جو استعمال روڪي ڇڏيو آهي. سوئيڊن حڪومت ان فيصلي ۾ تبديلي عوام تي ڪيل سروي رپورٽس جي روشني ۾ ڪئي آهي. رت ڄمڻ جي واقعن تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ برطانوي ڪورونا ويڪسين جو استعمال روڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق ڪئناڊا جي مشاورتي ڪميٽي ايسٽرازينيڪا ويڪسين کي 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي جڏهن ته ان کان اڳ ڪميٽي ويڪسين جي مخالفت ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو