نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي علائقي ٿاني ۾ ڀارتي هوائي فوج جي بس اونڌي ٿيڻ سبب ٻه اهلڪار فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق ممبئي کين مهاراشٽرا جي علائقي ٿاني ويندڙ بس کي وڪ هورلي هاءِ وي ويجهو تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو. بس ۾ هوائي فوج جا 24 اهلڪار سوار هئي. پوليس ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
230