263

آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه، 3 ڄڻا فوت، عورت زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ انجڻ وارو ننڍو جهاز روڊ تي هلندڙ گاڏي تي ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 4 سالن جي ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي. آمريڪي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق مقامي اختيارين مطابق هڪ انجڻ واري جهاز پيم بروڪ پنس تان اڏام ڀري پر فني خرابي سبب جهاز فلوريڊا ۾ روڊ تي هلندڙ گاڏي تي ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي ماءُ سان اسڪول کان گهر ويندڙ 4 سالن جو ٻارڙو ٽيلر بشپ فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ماءُ حادثي ۾ شديد زخمي ٿي پئي، جهاز ۾ سوار 2 پائلٽ فوت ۽ گاڏي ۾ سوار هڪ عورت سڙي شديد زخمي ٿي پئي. ريسڪيو ٽيم زخمي عورت کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايئرپورٽ اختيارين حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو