حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) سنڌ جي اڀرندڙ مزاح نگار، نوجوان قلمڪار ۽ ڪتاب ”هوندا سي حيات“جي تخليقڪار حميد گوزائي روزاني ”سوڀ“سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌي ادب ۾ پنهنجا نوازي جي زور تي غير معياري ادب کي به لفظي دنيا ۾ نوبل انعامن جون ڀيٽائون پيون ملن، وڏن نالن ۽ ادبي شخصيتن ادب جي جهان کي پنهنجا نوازي واري ڪلچر تحت تباهي تي پهچايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مخلص، حقيقت پسند ۽ سچن ادب دوست انسانن کي هٿ وٺي پٺتي ڌڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي دل ڏکائيندڙ عمل آهي. حميد گوزائي وڌيڪ چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب جيڪو ادب ڇپڻ جي ضرورت آهي ان جي ڀيٽ ۾ غير معياري شاعري جا ڪتاب هڪٻئي پٺيان پيا ڇپن، بقول رسول بخش پليجي صاحب ته ادب به ناقص ٿيندو آهي، هر ادب فائديمند نه هوندو آهي پر ادب نقصانڪار ۽ ٽائيم جو زيان به هوندو آهي، مان سمجهان ٿو واقعي هن وقت اها غير معياري شاعري اسان جي وقت جو زيان ئي آهي. هن چيو ته پئسا نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ الائي ڪيترو ڪارائتو ادب نه ڇپجي سگهيو آهي، جنهن جو ڏوهه اسان سنڌي ادبي بورد تي ڏينداسين، ادبي بورڊ وٽان به جيڪو مواد شايع ٿئي پيو اهو به فرمائشي آهي پر اسان کي پڪ آهي ته تاريخ حقيقت کي هر دور ۾ ظاهر ڪري ٿي، ڪوڙ تي ٻڌل ادبي يارين جي جهان سنڌي ادب جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، تنقيد جي نالي تي ذاتيات کي وٺي مخلص قلمڪارن کي رنجايو پيو وڃي جيڪو مان سمجهان ٿو هڪ وڏو الميو آهي، ادب ۾ ميريٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي ۽ ادب دوست قلمڪارن کي اڳتي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
350