286

ساماري تعلقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، سوين ايڪڙ زمين تباهه، انتظاميه خاموش بڻيل، رهواسين پاران نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

سامارو (رپورٽ: نريش مالھي) ساماري تعلقي ۾ برساتي تباهه ڪارين ۽ هيرل سم نالي کي لڳل گهارن کي 7 مهينا گذرڻ باوجود آبپاشي عملي جي ڪرپشن ۽ غلط رٿا بندي سبب هيرل سم نالي واري علائقي مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي، سم نالي سان لڳاپيل ساماري تعلقي جي ديهه موراسو، ديهھ ڀنڀرا،  ديھه 16هيرل، ديهھ 17هيرل، ديهھ 18هيرل، ديهھ 19 هيرل ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آھي، جنهن سبب غريبن جا ڳوٺ، رستا، گهر،  اسڪول ۽ آبادگارن جون قيمتي زمينون  پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آھن، جنهن سبب اڃاتائين ڪافي هنڌن تي زندگي جو ڪاروهنوار بحال نه ٿي سگهيو آھي، ڪيترا ڳوٺاڻا اڃا دربدر ٿي محفوظ هنڌن تي ويٺل آھن، ڳوٺن ۾ لاڳيتو پاڻي بيهڻ ڪري غريبن جا اجها ڊھي پٽ ٿي ويا آھن ۽ آبادگارن جي هزارين ايڪڙ زمين سم ڪلر جي ور چڙھي تباهه ٿي رهي آھي، آبادگار ڪتي جي فصل جي پوکائي ڪرڻ کان قاصر آھن، برسات ۽ سم نالي جي گهارن جي تباهڪارين  سبب علائقي جي زميندارن ۽ آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان رسيو آھي، اهي سخت معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھن، جڏھن ته برساتي پاڻي جي نيڪال واري رستي سم نالي کي ديرو ستڙيون وٽ ڪيترن ورهين کان لڳل وڏي ٽر بائين مشين کي آبپاشي عملي پاران اڃا چالو نه ڪيو آھي، پر انهي جي ڀر ۾ سم نالي کي گنڍو ڏئي موٽرون لڳايون ويون، جنهن تان آبادگارن ۽ آبپاشي عملي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو ، آبادگارن جي سخت احتجاج بعد اڌ  گنڍي ڪڍيو آھي، سم نالي کي گنڍي ڏيڻ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن عبدالمجيد قائمخاني، هاشم هاليپوٽو، غلام محمد سيال، ارشاد راجو قائمخاني ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 7 ميهنا گذرڻ باوجود آبپاشي عملدار هيرل جي علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي سگهيا آھن، سم نالي جي هٿراڌو گهارن علائقي جي ستن ديهن جي هزارين ايڪڙ زمين کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، اسان جا اڃاتائين 50 ڳوٺ پاڻي ۾ آھن،  زمينون سم جي ور چڙھي رهيون آھن، انتظاميه جي غفلت سبب اسان جا ٽي فصل تباھ ٿي ويا آھن، مٿان وري برسات پوڻ جا امڪان آھن، سم نالي ۾ ھاڻي پاڻي پنهنجو نڪري رهيو هو، آبپاشي عملي ڪوڙا بل ٺاهي  پئسه ڦٻائڻ لاءِ گنڍو ڏئي نالي متاثر ميشنون لڳايون، هاڻي صرف ڊرامون ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھن، هنن چيو ته ديرو ستڙيون کان هيٺ ڍوري واري پاسي  ٿوري کاٽي جي ضرورت آھي، هنن گهر ڪئي ته هيرل جي تباهي جو نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي آبادگارن ۽ ھارين کي بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو