ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو ۽ فوتين جي تعداد 4469 ٿي وئي آهي ۽ 10590 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 384 ڪيس سامهون آيا. اِها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض پنهنجي حياتي وڃائي چڪو آهي ۽ فوتين جو انگ 4469 ٿي ويو آهي جيڪي 1.7 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 10590 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 384 ڪيس معلوم ٿيا جيڪي 3.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 3172228 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 262206 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 96.6 سيڪڙو يعني 253237 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 196 به شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 4500 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 4206 گهرن ۾، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 285 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 256 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 40 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 384 نون ڪيسن مان ڪراچي جا 150 آهن جن ۾ ضلع اوڀر 41، ضلع ڏکڻ 35، ضلع ملير 27، ضلع سينٽرل 24، ضلع ڪورنگي 21 ۽ ضلع اولهه 2 شامل آهن. بدين 39، حيدرآباد 27، مٽياري 22، سانگهڙ 14، ٽنڊوالهيار 13، ميرپورخاص 11، قمبر 10، جيڪب آباد 8، نوشهروفيروز، سجاول، سکر، عمرڪوٽ ۽ شڪارپور 7-7، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو 6-6، خيرپور 5، لاڙڪاڻو 3، ڪشمور 2 ۽ دادو 1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
204