اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 3449 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 449 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 53 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرات ۾ 75 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 32 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 845 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 527، پنجاب ۾ 15 هزار 818، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 443، اسلام آباد ۾ 7 هزار 291، بلوچستان ۾ 453، گلگت بلتستان ۾ 289، آزاد ڪشمير ۾ 1024 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 78 هزار 314 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 276 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 27 هزار 188 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 19 هزار 259 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 11 هزار 377، بلوچستان ۾ 19 هزار 290، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 967، اسلام آباد ۾ 50 هزار 96، خيبرپختونخواهه ۾ 77 هزار 972، پنجاب ۾ 1 لک 93 هزار 54 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 62 هزار 503 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 13 هزار 757 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 473 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 919 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 196 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 536 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 202 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 103 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 328 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 96 لک 19 هزار 87 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 601 مريض علاج هيٺ آهن
268