اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۽ سياسي پارٽين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڊسڪا تي ننڍي چونڊ جو سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق وفاقي ڪابينا اين اي 75 ڊسڪا تي ننڍي چونڊ دوران رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق 10 اپريل تي ڊسڪا ۾ ننڍي چونڊ دوران رينجرز ذريعي امن امان کي يقيني بڻايو ويندو، رينجرز جي مقرري لاءِ گهرو وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينا کان سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي.
239