239

افتخار چوڌري جيان سياست جو شوق آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڪائونسلر جي چونڊ وڙهو: فواد چوڌري جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي صلاح

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هڪ هفتي کان سپريم ڪورٽ جي هڪ انڊر ٽرائل جج جون تقريرون ٻڌي رهيا آهيون، جيڪڏهن جواب ڏنو ته ”ڏک ٿيو کان توهين ٿي“ تائين جا بيان اچي ويندا. فواد چوڌري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان مخاطب ٿيندي چيو ته محترم، جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي گاڊ فادر افتخار چوڌري جيان سياست جو شوق آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڪائونسلر جي چونڊ وڙهو، مقبوليت ۽ قبوليت ٻنهي جو اندازو ٿي ويندو. هن هڪ نظم به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ شيئر ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو