اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جارحاڻي سياسي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وزيرن کي سياسي معاملن تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ورتو آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان وزيرن کي حڪومتي ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ ۽ عوامي مفادن وارن منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مفادن جي ٽڪراءَ ۽ تنقيد کي نظر ۾ رکندي ڪجهه صلاحڪارن کي پڻ هٽائڻ جو امڪان آهي، شبلي فراز ۽ فيصل واوڊا جلد ٻيهر وفاقي وزير طور حلف کڻندا، عامر ڪياني کي به ٻيهر ڪابينا ۾ واپس آڻڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم عمران خان ميڊيا حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ لاءِ شيخ رشيد کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته گهرو وزارت جي لاهور ۾ ڪئمپ آفيس پڻ قائم ڪئي پئي وڃي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا انتظام الڳ ڪرڻ لاءِ فيصل جاويد جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان گهرو وزير شيخ رشيد کي پي ڊي ايم بابت سخت بيان ڏيڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.
258