واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽرن ڀارت کي پابندين بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽرن مسلم مخالف روين ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي سينيٽ چيئرمين رابرٽ مينيڊز آمريڪي بچاءَ واري وزير کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڀارت ۾ مسلم مخالف روين، ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ ۽ سياسي مخالفن کي جيل ۾ وجهڻ ۽ پابنديون مڙهڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سينيٽ قيادت ڀارت ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جمهوري قدرن کان هٽڻ تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي هم منصب سان ملاقات ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي بابت آگاهه ڪيو وڃي.
311