292

اين اي 75 ڊسڪا ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ وارو فيصلو معطل ڪرڻ واري اپيل رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ وارو فيصلو معطل ڪرڻ واري اپيل ٻيهر رد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ٻيهر پولنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اليڪشن ڪميشن مطابق قانون جي خلاف ورزي تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو، پيش ڪيل نقشي مطابق 20 پرزائيڊنگ آفيسر صبح تائين گم هئا، سموري ڇڪتاڻ ڊسڪا جي شهري علائقن ۾ ٿي، اليڪشن ڪميشن جو تفصيلي فيصلو ۽ جواب اهميت جوڳا آهن. پي ٽي آءِ وڪيل شهزاد شوڪت موقف اختيار ڪيو ته ن ليگي اميدوار نوشين افتخار صبح 4 وڳي 23 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر ووٽنگ جي درخواست ڏني، ن ليگ جي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي پريس رليز تي ڀاڙيو، پريس رليز مطابق آءِ جي پنجاب سان سيڪريٽري اي سي پي رابطو ڪيو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڊي آر او جي رپورٽ مطابق ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز تي فائرنگ ٿي، 20 پرزائيڊنگ آفيسر جتان گم ٿيا اتي فائرنگ جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو، جائزو وٺي رهيا آهيون ته چونڊ صاف شفاف ٿي يا نه، تڪ ۾ ويڙهه ٿي، پوليس ڏسندي رهي، شايد پوليس جي چونڊ جي حوالي سان سکيا نه ٿيل هئي، ڊسڪا چونڊ ۾ قانون تي عمل نه ٿيو، ڇا هوائي فائرنگ ايترو وڏو مسئلو هو جو ٻيهر اليڪشن ٿئي؟ اليڪشن ڪميشن پوليس جي سهڪار نه ڪرڻ جي ڪاوڙ ڪڍي، پوليس خلاف ڪارروائي به ته ٿي سگهي پئي، پوليس جو سهڪار نه ڪرڻ ٻيهر پولنگ جو جواز نٿو ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ اين اي 75 ڊسڪا تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ وارو فيصلو معطل ڪرڻ واري اپيل ٻيهر رد ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو