205

ڳاڙهو ڀرسان ڀاڻيجي ڪهاڙين جا وار ڪري مامي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڳاڙهو (ويب ڊيسڪ) ڳاڙهو ڀرسان ڀاڻيجي ڪهاڙين جا وار ڪري مامي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق گهريلو اڻبڻت تان جوابدار حنيف شاهه پنهنجي مامي حسن شاهه کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪئي. پوليس مقتول جو لاش اسپتال کڻائي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو