ليکڪ: دانش نبي بخش شر
حضرت اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب عليه السلام جي هڪ گهر واري ”ام البنين“ (يعني ٻچڙن جي ماءُ) هئي، جنهن جو اصل نالو ”فاطمه“ هو، جيڪا ”بني هوازن“ قبيلي مان هئي. حضرت اميرالمؤمنين سندس نالو انڪري تبديل ڪيو جو ان نالي وٺڻ سان سائنڻ فاطمه س جي ٻچڙن کي پنهنجي ماءُ ياد اچي ويندي هئي ۽ سخت بيچين ٿي پوندا هئا، بي بي صاحبه جو پيءُ طرفان نسب جو سلسلو هن طرح ٿو ملي ته فاطمه بنت حزام بن خالد بن ربيعه بن لوي بن غالب بن ڪعب بن عامر بن ڪلاب بن ربيعه بن عامر بن صعصعه بن معاويه بن بڪر بن هوازن. جڏهن ته ام البنين جي ماءُ وري بنت ليليٰ بنت شهيد بن ابي بن عامر بن لاعب بن مالڪ بن جعفر بن ڪلاب هئي. آنحضرت جن کي ان گهر واريءَ مان پهريون ٻار پٽ ٿيو. جنهن جي ولادت چار شعبان المعظم، 26 هجريءَ ۾ مدينه منوره ۾ ٿي، ٻارڙو جيئن ئي ڄائو ته کيس والده ماجده حصرت اميرالمؤمنين جي خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ پنهنجي ٻچڙي جو نوراني چهرو ڏسي بيحد خوش ٿيا ۽ خوشيءَ وچان سائنڻ ام البنين کان پڇڻ لڳا ته هن جو نالو ڪهڙو رکجي؟ وراڻيائين ته منهنجا سردار توهان کي خبر آهي ته مان ڪنهن به ڪم ۾ توهان کان اڳرائي ناهيان ڪندي، انڪري بهتر آهي ته توهان پاڻ نالو رکوس. تنهن تي اميرالمؤمنين عه فرمايو ته مان هن ننڍڙي تي پنهنجي چاچي ”عباس“ عه جو نالو ٿو رکان، اڄ کان وٺي هن جو نالو عباس هوندو. مرحوم علامه حائري (عليه الرحمه) مٿس ان نالي رکڻ جو هڪ ٻيو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته حضرت اميرالمؤمنين عه پنهنجي ننڍڙي تي ”عباس“ يعني رعبدار نالو انڪري رکيو جو پاڻ هن جي شجاعت، مردانگي ۽ خدا جي دين جي ويرين سان ويڙھه واري جذبي کي اڳواٽ ئي ڄاتو ٿي. مٿي بيان ٿي چڪو ته مولا غازي شهنشاھه تي نالو ته پاڻ حضرت اميرالمؤمنين جن رکيو، هو پنهنجي ان عالم آشڪار نالي مبارڪ کانسواءِ ڪيترن ئي لقبن سان پڻ مشهور هو، جهڙوڪ، ابوالقربه (پاڻي پياريندڙ)، باب الحوائج (حاجتن جي حل جو دروازو)، ابوالشاره (جلدي ڪندڙ)، عبد صالح ۽ قمر بني هاشم. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انسان جي سڀ کان پهرين تربيت گاھه سندس ماءُ ۽ پيءُ جي جهولي هوندي آهي، ان اعتبار کان جيئن ته حضرت غازي شهنشاھه جي والده ماجده نهايت ئي باڪمال، متقي ۽ جرئتمند خاتون هئي، ان جي دامن ۽ زير تربيت رهڻ جو پڻ هن تي وڏو اثر پيو هوندو، مولا غازي عباس عه جي امڙ سڳوريءَ جي باري ۾ عقيل بن ابي طالب پنهنجي ڀاءَ حضرت اميرالمؤمنين جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته خدا جو قسم، مان سڄي عرب قوم ۾ ان جي ابن ڏاڏن کان مٿي ٻيو ڪوبه دلير ۽ پهلوان نه ڏٺو آهي. اهو ئي سبب هو جو مولا غازي شهنشاھه جي وجود ۾ بابي طرفان به ته امان طرفان به شجاعت، پرهيزگاري ۽ شرافت نفس شامل هئي. اهڙي طرح علمي ڪمالات توڙي پرهيزگاري ۽ تقويٰ، باب مدينة العلم حضرت اميرالمؤمنين علي المرتضيٰ عه جن وٽان حاصل ڪيائين. علم جي ان بيڪران بحر مان سيراب ٿيڻ جي ڪري علم ۽ فقاهت جي اعليٰ درجن تي فائز هئا. اهو ئي سبب آهي جو هڪ روايت ۾ ملي ٿو ته ان العباس زق العلم زقا. (سچ ته عباس کي علم ايئن ڏنو ويو جيئن پکي پنهنجي ٻچن کي چوڳو ڏيندو آهي). علامه شيخ عبدالواحد فرمايو ته حضرت عباس عه اعليٰ پائي جو فقيھ ۽ بي مثال عالم هو. محمد ابراهيم ڪلباسي فرمايو ته اسان جي مولا عباس عه جي علمي مقام ۽ بزرگواريءَ کي سمجهڻ جي عام انسانن مان ڪنهن ۾ به طاقت ناهي، انڪري جو پاڻ رباني علم جا مالڪ هئا. حضرت اميرالمؤمنين عه جي هن اڙٻنگ پٽ 40 يا 45 هجريءَ ۾ حضرت امام حسن عه جي امامت جي دؤر ۾ بي بي ”لبابه“ سان شادي ڪئي. جيڪا عبدالله بن عباس بن عبدالمطلب جي نياڻي ۽ نهايت ئي فضائل جي مالڪه هئي. ڪتاب ”عمدة الطالب في انساب آل ابي طالب“۾ لکيل آهي ته حضرت عباس عه کي بي بي لبابه مان ٻه پٽ ٿيا، هڪ عبيدالله ۽ ٻيو فضل. مرحوم علامه سيد عبدالرزاق لکي ٿو ته حضرت عباس عه کي 6 ٻار هئا، جن مان پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. جن مان فضل ۽ عبيدالله جي ماءُ بي بي لبابه هئي ۽ باقي چئن ٻارن (حسن، قاسم، محمد ۽ حديقة النسب)جي ماءُ بي بي ”امِ ولد“ هئي. تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ته حضرت عباس عه جو اولاد ڪربلا ۾ به موجود هو. ابو اسحاق اسفرائيني جي نقل موجب ته مولا عباس جا ٻه پٽ ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيا هئا. عاشور جي ٽپهريءَ کان اڳ ۾ جڏهن حضرت عباس عه اهل بيت لاءِ پاڻي آڻڻ خاطر علقمه ڍنڍ تي ويا ته موٽ تي دشمنن سان سخت مقابلو ٿي پيو. جنهن ۾ سندن ٻئي ٻانهون قلم ٿي ويون ۽ کاٻي اک ۾ تير لڳي پيو ۽ سر مبارڪ به ڪنهن شقيءَ جي گرز جي ضرب سان ڦاٽي پيو، جنهن ڪري زخمن جا تاب نه سهندي گهوڙي تان زمين تي ڪري پيا. هوڏانهن حضرت امام حسين عه يڪدم اچي پنهنجي ڀاءُ جي مٿان پهتا، جڏهن ڀاءُ جو آخري پساهن ۾ مشاهدو ڪيائين ته بي اختيار اکين ۾ لڙڪ تري آيس. مرحوم علامه فاضل دربندي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مولا حسين عه پنهنجي دلبند ڀاءُ کي خيمي گاھه ۾ کڻي وڃڻ چاهيو ته حضرت عباس عه عرض ڪرڻ لڳو ته ڇڏيو ته مان هتي ئي هجان. مولا حسين پڇيس ته ڇو؟ وراڻيائين انڪري جو مان توهان جي معصوم ڌيءَ سان پاڻي آڻڻ جو واعدو ڪيو هو، مان ان کان شرمندو آهيان. هن جا اهي لفظ ٻڌي حضرت امام حسين عليه السلام فرمائڻ لڳا ته خدا توکي منهنجي طرفان بهترين اجر ڏئي جو تو منهنجي زندگيءَ ۾ به مدد ڪئي ته موت وقت به. روايتن ۾ آهي ته جڏهن حضرت امام حسين عه هٿين خالي خيمه گاھه آيا ته سائنڻ زينب س پڇيس ته ڪهڙي سبب توهان منهنجي ڀاءُ جو لاش نه آندو؟ امام عه وراڻيو ته وڏا وس ڪيم پر پنهنجي ڀاءُ جي ڪپيل لاش کي کڻي نه سگهيس، حضرت عباس علمدار عه جي دفن جي جاءِ، حضرت امام حسين عه جي روضي مبارڪ کان 400 ميٽرن جي مفاصلي تي آهي، ٻنهي روضن جي وچ واري فاصلي جي فضا ۽ ميدان کي ”بين الحرمين“ سڏيو ويندو آهي، حضرت عباس عه جي مزار مبارڪ جي ضريح پاڪ ايران جي بادشاھه نادر شاھ افشار ٺهرائي، قبر مبارڪ تي رکيل پڃرو ”خاتم“ نالي هڪ ڪاٺيءَ جو ٺهيل آهي، هن روضي جي پکيڙ حضرت اميرالمؤمنين علي عه جي روضي مبارڪ جيتري آهي، روضو مبارڪ ڏهين هجري (914) ۾ ايران جي بادشاھه شاھه اسماعيل صفويءَ جوڙايو ۽ ان ۾ سونيون قنديلون به ٽنگرايائين. ان کانسواءِ ٻنهي روضن اندر نيون ضريحون جوڙائي پڻ رکرايائين. باب الحوائج حضرت عباس علمدار جي ذات گرامي وقت جي امام جي سربراهيءَ ۾ خدا جي دين جي نصرت جي راھه ۾ قرباني ڏيڻ جي ڪري خدا پاڪ جي بارگاھه ۾ اعليٰ مرتبو ٿي رکي.