292

تعليم جي بگڙجندڙ صورتحال ۽ انتظامي قدمن جو سوال…؟؟

ليکڪ: صنوبر خاصخيلي

گلوبلائيز بڻجي ويل دنيا ۾ ترقي جو واحد ذريعو صرف تعليم ئي آھي ۽ تعليم  بابت آيل تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ اسڪول وڃڻ کان محروم ٻارڙن جو تعداد دنيا ۾ ٻئي نمبر تي پھتل آھي، رپورٽ مطابق آبادي جي لحاظ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارڙن جو سيڪڙو 61 آهن، سنڌ ۾ اها شرح 53 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 51 ۽ بلوچستان ۾ 47 سيڪڙو آهي، جيڪڏهن رڳو تعليم جي ميدان ۾ ئي اسان خطي جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪريون ته وفاقي تعليم واري وزارت جي رپورٽ موجب تعليمي ميدان ۾ پاڪستان خطي جي 9 ملڪن ۾ اٺين نمبر تي هليو ويو آهي، پاڪستان کان ڌار ٿيل بنگلاديش به اسان کان هڪ نمبر اڳتي آهي، رپورٽ مطابق ڄاڻايل 9 ملڪن ۾ مالديپ پهرئين نمبر تي آهي، جتي تعليم جي شرح 99 سيڪڙو آهي، سريلنڪا ۾ 91، ايران ۾ 86 ۽ پاڪستان ۾ 58 سيڪڙو، جڏهن ته افغانستان ۾ 32 سيڪڙو آهي، تعليم لاءِ پتوڙيندڙ عالمي اداري جي رپورٽ موجب دنيا جي 120 ملڪن ۾ تعليم جي لحاظ کان پاڪستان 113 هين نمبر تي آهي، ٻئي طرف گڏيل قومن جي ايجوڪيشن سائنٽفڪ ڪلچرل آرگنائزيشن (يونيسڪو) مطابق پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ کان مڪمل محروم آهن، 2030ع تائين هر چئن مان هڪ پاڪستاني ٻار تعليم مڪمل نه ڪري سگهندو، يونيسڪو جو چوڻ آهي ته ملڪ 12 سالن جي تعليم يعني انٽر تائين هدف جو مخصوص حصو ئي حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته موجوده شرح ۾ هاڻي به 50 سيڪڙو نوجوان اپر سيڪنڊري تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ يونيسڪو جي رپورٽ کي اڃا به وڌيڪ چٽو بيان ڪري ٿي، ان رپورٽ مطابق پاڪستان اندر بند پيل اسڪولن جو انگ 11480 آهي، گذريل حڪمران پارٽي مسلم ليگ (ن) 2013ع جي چونڊ منشور ۾ اها ڳالهه شامل ڪئي هئي ته صوبن سان گڏيل مشوري کانپوءِ ملڪي سطح تي 80 سيڪڙو شرح خواندگي کي يقيني بڻايو ويندو، پر ان دور ۾ به ان وقت جي سرڪاري انگن اکرن موجب مجموعي تعليمي شرح 58 سيڪڙو کان وڌي نه سگهي هئي. پي ٽي آءِ به پنهنجي حڪمران جي 3 سالن جي دور ۾ انهن بنيادي مسئلن ڏانهن جهاتي پائي نه ڏٺو آهي پر ڪورونا جي نالي ته هڪ سال تعليمي سرگرميون معطل رکيون ويون، جنهن جي بحالي لاءِ ڪي خاطر خواهه قدم نه پيا کنيا وڃن.تازن رپورٽ ٿيل انگن اکرن موجب گذريل لاڪ ڊائون ۾ 12 لک ٻار اسڪول ڇڏي تعليم کي خير باد چئي چڪا آهن، ان رپورٽ کي تعليم واري وزير شفقت محمود غلط قرار ڏيندي چيو هو ته 12 پر 5 لک ٻارن اسڪول ڇڏي ڏنو آهي، جيڪڏهن وزير صاحب جي ٻڌايل 5 لک ٻارڙن وارو تعداد تسليم ڪري ٿورڙو سوچجي ته جتي اسان جي ملڪ ۾ اڳ ئي تعليمي شرح خطرناڪ حد تائين پهتل ۽ افسوسناڪ آهي، اتي وڌيڪ 5 لک ٻارن جو اسڪول ڇڏڻ مڪمل طور جمود نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ٻئي طرف ڪورونا ۽ مسلسل لاڪ ڊائون سبب ڪيترائي پرائيويٽ تعليمي ادارا به بند ٿي چڪا آهن، تعليم سميت صحت کان وٺي زندگي جي هر شعبي ۾ عام شهري توهين واري ورتاءَ مان گذري رهيا آهن، حڪومت صرف ڪرپشن کي ئي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو تصور ڪري ٿي، حقيقتن کي اڳيان رکي ڏسجي ته رياست جو اهم ۽ سڀ کان وڏو مسئلو طرز حڪومت ئي آهي، جيستائين ان کي درست نه ڪيو ويندو ته تيستائين بدعنواني جو خاتمو خواب ئي رهندو.

پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل اي-25 موجب رياست 5 کان 16 سالن تائين جي ٻارن لاءِ مفت ۽ معياري تعليم لازمي فراهم ڪرڻ جي پابند آهي، رياست ۾ جتي آئين مطابق تعليم مفت هوندي به يونيورسٽي سطح تي تعليمي ايتري ته مهانگي آهي، جو نرسري ۾ داخل ٿيندڙ هر هزار شاگرد مان صرف 7 شاگرد يونيورسٽي تائين پهچڻ جي لائق هوندا آهن، اهي به ڪيتري تڪليف سان تعليم حاصل ڪندا آهن، اهو صرف معاشي بيحال مائٽ ئي ڄاڻي سگهن ٿا. هر حڪومتي دور پوءِ ڀلي اهو جمهوري هجي يا آمريت وارو تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي دعوائون ڪري پاليسيون ته ٺاهيون ويون، جن مان ڪيتريون ئي منظر عام تي ئي نه آيو، 1947ع کان اڄ ڏينهن تائين لڳ ڀڳ 22 پاليسيون ۽ منصوبابنديون ٺاهيون ويون، جيڪي ڪاغذن تائين محدود رهيون، جنهن وقت پاڪستان ٺهيو هو، ان وقت وسيلن جي کوٽ ۽ بنيادي سهولتن جو ڍانچو مضبوط نه هو، ترقي جو هڪڙو ئي رستو تعليم هو، پر اسان اهو رستو وٺڻ بدران عمارتون ٺاهڻ کي ئي ترقي سمجهي ان تي زور ڏيندا رهياسين، نتيجي طور اڄ تائين اسان جي تعليمي شرح وڌي نه سگهي آهي، ملڪ جي بجيٽ جو مشڪل سان 2 کان 3 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿئي ٿو، ان حساب سان تعليمي شرح 71 سالن ۾ 58 سيڪڙو تي مس بيٺي آهي، 70 سالن کانپوءِ به پارليامينٽ ۾ ملڪ جي گهٽ تعليمي شرح جي مسئلي تي بحث ئي ٿيندا آيا آهن. اسان جي ملڪ جو وڏو الميو تعليم لاءِ مقرر ڪيل ٻن قسمن جي بجيٽ هوندي آهي. هڪ بجيٽ نون منصوبن تي خرچ ٿيندي آهي ۽ ٻي پراڻا منصوبا هلائڻ لاءِ ٿيندي آهي، ان بجيٽ جو 70 سيڪڙو پگهارن ۾ خرچ ٿي ويندو آهي ۽ باقي 30 سيڪڙو نون منصوبن واري بجيٽ مان اڌ ڪرپشن جي ور چڙهي ويندي آهي ۽ حالت سنڌي جي پهاڪي ”ساڳي ماني ساڳ سان“ واري هوندي آهي. ٻي اهم ڳالهه ته اسان اڄ ڏينهن تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ته تعليمي نصاب انگريزي هجي، سرڪاري هجي، مادري ٻولي ۾ هجي يا وري علائقائي ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي، جيستائين ان بنيادي مسئلي کي حل نه ڪيو ويندو، تيستائين اسان صحيح رخ ۾ اڳتي نٿا وڌي سگهون، گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ 40 سيڪڙو ٻار مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.پاڪستان ۾ گهٽ تعليمي شرح ملڪ جي معاشي ترقي جي راهه ۾ پڻ وڏي رڪاوٽ آهي، ڇو ته پائدار ترقي لاءِ تعليمي انتهائي ضروري آهي، اقتصادي ۽ سماجي ترقي بابت تعليم ئي درست فيصلا ڪرائيندي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ تعليم جي ڪردار جي اهميت کي سمجهندي جنگي بنيادن تي ڪم شروع ڪري ۽ نصاب کي جديد دور سان هم آهنگ بڻائي آئين جي آرٽيڪل اي-25 تحت انٽر تائين مفت تعليم واري نقطي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي، ڇو ته پاڪستان ۾ تعليمي نظام جي سنڀال، نصاب تي تحقيق، تعليمي سرمائيڪاري جا فيصلا، تعليم وارين وزارتن جي ذميواري آهي، حالتن جي تقاضا آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جو اسڪول کان ٻاهر سمورا ٻار اسڪول ۾ داخل ٿي سگهن، جيئن ايندڙ سالن ۾ اسان جي تعليمي شرح بهتر ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو