194

ڀارتي ويمن ريسلر فائنل ۾ شڪست کانپوءِ مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار ويمنز ريسلر گيتا ۽ ببيتا فوگٽ جي سئوٽ ريتيڪا فائنل ۾ شڪست کانپوءِ مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. پوليس مطابق راجسٿان جي شهر ڀرت پور ۾ 12 کان 14 مارچ دوران ريسلنگ ٽورنامينٽ ٿي، جنهن جي فائنل ۾ 17 ورهين جي ريتيڪا کي رڳو هڪ پوائنٽ تان ناڪامي ٿي، جنهن تي کيس دلي صدمو پهتو. ريتيڪا هڪ ڏينهن کانپوءِ پنهنجي چاچي جي گهر جي ڇت ۾ پکي سان لٽڪيل هٿ آئي، هو ان گهر ۾ 4 سالن کان رهندڙ هئي ۽ چاچي جي اڪيڊمي ۾ ئي سکيا حاصل ڪري رهي هئي، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. گيتا ۽ ببيتا پنهنجي سئوٽ جي هن انداز ۾ موت تي سوشل ميڊيا تي جذباتي انداز سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو