لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي مقبول هدايتڪار سرمد کوسٽ جي فلم ”زندگي تماشا“ ايشين ورلڊ فلم فيسٽيول ۾ بهترين فلم ۽ بهترين اداڪار جو ايوارڊ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. هلندڙ هفتي منعقد ٿيل ايونٽ ايشين ورلڊ فلم فيسٽيول ۾ 20 ملڪن جي 40 فلمن کي نامزد ڪيو ويو هو. رپورٽن مطابق پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ايشين ورلڊ فلم فيسٽيول ۾ بهترين فلم جو اسنوليوپرڊ ايوارڊ هدايتڪار سرمد کوسٽ اي ڊبليو ايف ايف جي جيوري ميمبر کان ورتو، جڏهن ته اسنوليپر جي بهترين اداڪار وارو ايوارڊ ”زندگي تماشا“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ عارف حسين کي ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته سرمد کوسٽ جي فلم ”زندگي تماشا“ کي آسڪر جي بهترين فيچر فلم لاءِ چونڊيل 11 فلمن ۽ گولڊن گلوب ايوارڊ لاءِ نامزد 12 بيسٽ موشن پڪچر، فارن ليگوئيج لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. فلم جي ڪهاڻي لاهور ۾ مختلف ماڻهن جي زندگي گذارڻ واري فن جو آئينو آهي، فلم جي ڪاسٽ ۾ سميا ممتاز، عارف حسن، ماڊل ايمان، سليمان ۽ علي قريشي به شامل آهن.
191