اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عوام تي بجلي بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن. رپورٽن مطابق بجلي جي اگهن ۾ 65 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ بجلي جي اگهن ۾ فيبروري لاءِ واڌ گهري وئي آهي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ واري درخواست ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري ۾ 6 ارب 99 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن جي مجموعي لاڳت 33 ارب 57 ڪروڙ رهي، 92 ڪروڙ رپين جي بجلي فرنس آئل تي پيدا ڪئي وئي، فيبروري ۾ فرنس آئل تي 11 رپيا 89 پئسا في يونٽ ۾ مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي لائن لاسز جا 16 پئسا في يونٽ به واهپيدارن تي منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي 30 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي.
258