263

اسيمبليون يا عوام؟ هڪ رستو چونڊڻو پوندو، پي ڊي ايم اتحاد ٽوڙڻ جون سازشون ٿين پيون پر اسان ٻار ناهيون: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم اتحاد ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن پر اسان ٻار ناهيون. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته الله اسان کي عقل ڏنو آهي، پنهنجو نفعو نقصان نه سمجهي سگهون ته اسان کي سياست ڪرڻ جو ڪو حق ناهي، منهنجا آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سميت سڀني سان رابطا آهن،  پيپلز پارٽي سي اي سي جو اجلاس سڏايو آهي، انهن کان مثبت جواب جي اميد آهي. هن چيو ته تجويز آهي ته پهرين مرحلي ۾ رڳو قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏني وڃي، ٻئين مرحلي ۾ صوبائي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏني وڃي، سنڌ اسيمبلي مان سڀ کان آخر ۾ استعيفائون ڏيڻ جي تجويز آهي. هن ٻڌايو ته اهو طئي آهي ته اسان وٽ احتجاجي تحريڪ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، جيڪڏهن رڳو ايوان ۾ وڙهڻو هو ته پي ڊي ايم ڇو ٺاهي؟ اسان کي اسيمبلين يا عوام وٽ وڃڻ مان هڪ رستو چونڊڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو