250

روس جي صدر پاران آمريڪي صدر جوبائيڊن کي لائيو بحث جي آڇ

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي صدر ولادي مير پيوٽن آمريڪي صدر جو بائيڊن کي لائيو بحث جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. روس جي صدر جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن کي ايندڙ ڏينهن ۾ آن لائين رابطو ڪرڻ گهرجي. پيوٽن ٽيليويزن تي پنهنجي هڪ خطاب دوران آمريڪي صدر کي اهو مشورو ڏنو آهي ته هاڻي ميڊيا کي جوبائيڊن ۽ منهنجي گفتگو کي سڌي ريت نشر ڪرڻ گهرجي. هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي نشرياتي اداري تي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن هڪ سوال جي جواب ۾ روس جي صدر کي قاتل قرار ڏنو هو. وائيٽ هائوس جي عورت ترجمان روس جي صدر جي اهڙي آڇ تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي  پر سندس موقف آهي ته صدر جو بائيڊن کي پنهنجي ڏنل ان بيان تي ڪو پڇتاءُ ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو