262

ميڪسيڪو: هٿيار بند گروپ جي حملي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 13 آفيسر مارجي ويا

 ميڪسيڪو سٽي(ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي علائقي اٽيپيڪ هارينس ۾ پوليس دستي تي هٿيار بند گروپ جي حملي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 13 آفيسر مارجي ويا آهن. رپورٽن مطابق  فرانسيسي رياست ميڪسيڪو جي سلامتي جي وزارت ٻڌايو ته گشت دوران هٿيار بند گروپ پوليس جي دستي کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 13 ضلعي اٽارني آفيس جا ايجنٽ۽ پوليس اهلڪار مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز حملي ۾ ملوث هٿيار بند گروپ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڪسيڪو اختيارين  ان حملي کي بزدلاڻو حملو قرار ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو