ڪوٽ لالو (ن سوڀ) ڪوٽ لالو ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي دائودو پل وٽ تيز رفتار بس موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ رحمت الله چانگ واسي احمد علي چانگ ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته غلام شبير چانگ مرڻينگ ٿي پيو آهي، اطلاع بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل همراهه سان گڏ لاش فيض گنج هيلٿ سينٽر منتقل ڪرائي ڇڏيا آهن، جتي شديد زخمي ٿيل شبير چانگ کي نوابشاهه سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب حادثو ڪندڙ بس ملتان کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو آهي، جڏهن ته بس ڊرائيور کي پوليس تحويل ھيٺ وٺي ڇڏيو آهي.
175