210

ڪڻڪ جا اگهه وڌڻ باوجود اٽو مهانگو نه ٿيندو، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪڻڪ جي امدادي اگهه ۾ واڌ باوجود اٽو مهانگو نه ٿيندو، ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1800 رپيا في مڻ مقرر ۽ سستي اٽي لاءِ سبسڊي جو اعلان وزيراعظم عمران خان جي هاري دوستي جو واضح ثبوت آهي، تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون عام ماڻهن کي سستي اگهه تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. شبلي فراز وڌيڪ چيو ته واهپيدارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ڪڻڪ جي خريداري لاءِ بينڪنگ ڪريڊٽ لائنز رڳو اٽي جي ملن ۽ ان ماڻهن لاءِ موجود هوندي جيڪي حڪومت وٽ رجسٽرڊ آهن، ڪريڊٽ لائن واري درخواست ۾ ڪڻڪ لاءِ ذخيري واري جاءِ جو ذڪر ڪيو ويندو، اٽي جون ملون جيترو چاهين ڪڻڪ حاصل ڪري سگهن ٿيون، پر لازمي اهو آهي ته ملون ڪڻڪ کي پيهي وٺن ۽ ان کان وڌيڪ وڪري لاءِ ذخيرو نه ڪن، حڪومت ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو