258

هوم ورڪ مڪمل آهي، پاڪستان جلد گري لسٽ مان نڪري ايندو: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته اسان جو هوم ورڪ مڪمل ٿي چڪو آهي، پاڪستان جلد گري لسٽ مان نڪري ايندو. صحافين سان ڳالهائيندي حماد اظهر وڌيڪ چيو ته پاڪستان گري لسٽ ۾ گذريل حڪومتن جي ڪري ويو پر اسان ملڪ کي گري لسٽ مان ڪڍي وٺنداسين. هن چيو ته مخالف ڌر جو رويو هميشه ناڪاري رهيو آهي، مخالف ڌر هميشه ملڪي سالميت خلاف رهي آهي، پر اسان ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽  پئسا واپس ڏيو واري پاليسي تي قائم آهيون. هن چيو ته کاڌي پيتي جون شيون سڄي دنيا ۾ مهانگيون ٿي رهيون آهن، پر اسان معيشت کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. حماد اظهر اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم عمران خان جلد ڪورونا مان صحتياب ٿي اسان وچ ۾ هوندو، عوام کي به احتياط اختيار ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو