234

(ن) ليگ عيدالفطر کانپوءِ لانگ مارچ ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، حڪومت پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪا به سازش ڪندي ان جو ڄمي مقابلو ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي قيادت پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تجويز ڏني آهي ته عيدالفطر کانپوءِ لانگ مارچ ڪيو وڃي. رپورٽن مطابق پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ن ليگ قيادت سان ملاقات لاءِ جاتي امرا پهتو، جتي مريم نواز، حمزه شهباز، راڻا ثناءُ الله ۽ پرويز رشيد سميت ٻين اڳواڻن سندس استقبال ڪيو. ملاقات ۾ ن ليگ جو قائد ميان نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيو. جاتي امراءَ ۾ ٿيل ويهڪ دوران سياسي صورتحال ۽ لانگ مارچ بابت ڳالهه ٻولهه ۽ پيپلز پارٽي جي استعيفيٰ نه ڏيڻ واري عمل تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙن چيو ته پي ڊي ايم پاران لانگ مارچ ملتوي ڪري مخالف ڌر کي سياسي نقصان رسيو، لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ سبب ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجي وئي، هاڻي حڪومت خلاف جيڪا به تحريڪ يا فيصلو ڪيو وڃي ان کان پوئتي نه هٽجي، پيپلز پارٽي اتحاد جو اهم حصو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪنداسين. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ بابت به غور ويچار ڪيو ويو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته عام عوام جي راءِ حڪومت خلاف آهي جنهن مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي، جڏهن ته ن ليگ جي قيادت پي ڊي ايم کي تجويز ڏني ته عيدالفطر کانپوءِ لانگ مارچ ڪيو وڃي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم اتحاد ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، حڪومت پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪا به سازش ڪندي ان جو ڄمي مقابلو ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو