ليکڪ: پروفيسر اختيار گھمرو
ڪنھن به معاشري جي سڌريل ھجڻ جو اندازو ان ملڪ جي صحت، تعليم ۽ امن امان واري صورتحال مان آسانيءَ سان لڳائي سگھجي ٿو. ان ڪري حڪومتن جي اھا ذميواري ٿئي ٿي ته پنھنجي ماڻھن جي صحت، تعليم ۽ امن امان جو بھتر بندوبست ڪري. انھن ٽنھي اھم عنصرن منجهان ھڪ عنصر بھتر تعليم مھيا ڪرڻ آھي. جاروس (1995) انساني عقل، صلاحيتن، توڙي زندگيءَ جي سڀني سرگرمين لاءِ منظم ۽ مستقل ھدايتن ڏيڻ کي تعليم سڏيو آهي. چيني فلاسافر ڪنفيوشس موجب ”تعليم فرد کي سماج سان گڏڻ کانسواءِ معاشري ۾ ھم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آھي. ڏٺو وڃي ته تعليم جي اھميت ارسطو جي زماني ۾ به ھئي، ان دؤر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب معاشري/ ماڻھن جون مادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ھوندو ھو (فريجوف). تعليم ڪنھن به معاشري جي قومي ترقيءَ لاءِ شاهراهه جو ڪردار ادا ڪندي آهي، تعليم ماڻھن ۾ ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪندي آهي. ماضيءَ جي حڪومتن توڙي موجوده وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي غير سنجيده رويي کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان کي علم واري اک جي ڪيتري ڳڻتي لڳل آھي. ان کانسواءِ انھن ادارن سان سلهاڙيل انتظاميه توڙي استادن جي بي ڌيانيءَ سبب اھا ٽئين اک يا ته بنا نظر جي آھي يا وري ان کي شبڪوري جي بيماري لڳل آهي. اعليٰ تعليم، ترقي ۽ خوشحالي جي اهم محرڪ آهي ۽ اھا تعليم اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڏني ويندي آهي. يونيورسٽيون تعليم، کوجنا/ ريسرچ ۽ عوامي خدمت مھيا ڪرڻ جا ذريعا ٿين ٿيون. يونيورسٽين ۾ ملندڙ علم/ ڄاڻ ڪنھن به ملڪ/ معاشري، ثقافت، ڪرت/ پروفيشن، سماجي طبقن، علائقن توڙي قومي اڀار جو سبب ھوندو آهي. يونيورسٽيون ۽ ٻيا ادارا نه رڳو تربيتي تعليم ۽ جاري مهارت جي تربيت فراهم ڪن ٿا، پر هڪ زبردست ريسرچ وارو ماحول پڻ فراهم ڪن ٿا، جيڪي قيمتي تجارتي ايپليڪيشنن سان جدتون پيدا ڪن ٿا، پر مالي مشڪلاتن جي ور چڙهيل يونيورسٽين ۾ هزارن جي تعداد ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائون ڪرڻ جو مقصد اعليٰ قسم جي تحقيق ڪرڻ نه پر ڳريون فيون وصول ڪري پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ هوندو آهي. اڪثر ان تحقيق جو نه ته ڪو سماجي ڪارج هجي ٿو ۽ نه وري ڪو علمي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، ان سان صرف ڊگرين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. يونيورسٽيون معياري انفرادي قوت پيدا ڪنديون آهن، جنهن سان روزگار حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي، پر تازو ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختلف مضمونن جي ڪاليجي ليڪچرارن جي مقرري ڪرڻ لاءِ ورتل ٽيسٽ جي نتيجن مان ظاهر ٿئي پيو ته ٽيسٽ پيپر وٺندڙ اداري (سکر آءِ بي اي) ٻين يونيورسٽين ۾ ملندڙ تعليم ۾ تمام گهڻو فرق آهي، جنهن ڪري ان امتحان ۾ ويٺلن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نوڪرين لاءِ گهربل علمي ڄاڻ ۽ اعليٰ تعليمي ادارن مان ملندڙ تعليم الڳ الڳ آهن، ان کانسواءِ يونيورسٽين کي درپيش مسئلن مان ڪجھه هن ريت آهن. اڪثر ڪري ھنن ادارن ۾ پڙھايو ويندڙ سيلبس/ ڪورس مدي خارج يا پراڻو آهي، جنھن کي وقت جي ضرورتن موجب تبديل نه ٿو ڪيو وڃي. بنا ڪنهن سمت جي تعليم ڏيڻ، يعني داخلائون ڏيڻ کان وٺي نوان ادارا کولڻ توڙي ڪورس پڙهائڻ جي چونڊ ڪرڻ تائين ڪابه رٿابندي ناھي ڪئي ويندي. گھڻي عرصي کان استادن جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ سکيا وارا پروگرام بند ٿيل آهن. اڪثر ڪري جيڪي پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ ماھر استاد آھن اھي سرڪاري يونيورسٽين کي ڇڏي خانگي ادارن ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جنهن جو سبب گذريل ڪيترن سالن کان ھڪڙي پاسي استادن کي مليل ٽئڪس جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف پگھارن ۾ به ڪو اضافو نه ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ناڪارا امتحاني سرشتو، خراب سپروائيزري معيار، ڪوالٽي بدران تعداد تي ڌيان ڏيڻ، مطلب ته صرف ڊگريون گھرجن، ان کانسواءِ اندرين ۽ ٻاھرين مداخلت، وسيلن جي کوٽ، پاليسين جي تسلسل جي اڻھوند، تعليم لاءِ گھٽ بجيٽ رکڻ، ڪرپشن ۽ ٻين ڪيترن انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهن. يونيورسٽين ۾ سالن کان استادن جون نيون ڀرتيون پڻ ناھن ڪيون ويون، ھڪڙي پاسي وڏي تعداد ۾ استاد ھر سال رٽائرڊ ٿي رھيا آھن ته وري ٻئي پاسي سرڪار طرفان اھو حڪم نامو جاري ٿيل آهي ته ان جي اجازت ۽ مرضيءَ کانسواءِ ڪابه نئين ڀرتي نه ڪئي وڃي، جنھن ڪري اڪثر وائيس چانسلر ان خوف کان ته متان سرڪار ناراض ٿي وڃي ڀرتيون ته ٺھيو مورڳو اشتھار ڏيڻ کان به ڪيٻائين ٿا. جيتوڻيڪ يونيورسٽيون خودمختيار ادارا ھونديون آھن، انھن جا پنھنجا فورم ھوندا آھن، جيڪي ھر فيصلو ڪرڻ جا مجاز ٿين ٿا، پر ھينئر يونيورسٽيون پنهنجي اھا خودمختياري برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب انھن ادارن جي سربراهن جو سياسي بنيادن تي مقرر ٿيڻ آھي ۽ ٻيو ته يونيورسٽين جي مالي بحرانن سبب ھرھڪ ادارو سرڪار جو محتاج بڻيل آهي. ڪنھن به يونيورسٽي جي خوشحال ھجڻ جو دارومدار اتان جي سربراهه جو ڪنھن طاقتور ڌر سان واسطو ھجڻ تي هوندو آهي. يونيورسٽين ۽ ڪنھن به معاشري جا سماجي، معاشي توڙي سياسي تانا بانا پاڻ ۾ جڙيل هجڻ سان گڏ اھي ان دؤر جو حصو پڻ ھونديون آھن. اھي ان وقت توڙي ايندڙ وقت جي رخ ۽ مزاج جو اظھار پڻ ھونديون آھن. يونيورسٽيون نه صرف تعليم ڏيڻ ۽ نئين کوجنا ڪرڻ جو مرڪز ھونديون آھن، پر يونيورسٽيءَ جو مطلب انساني ڀلائي، رواداري، ترقي، خيالن جي پختگي ۽ سچائيءَ جي تلاش ڪرڻ وارو ادارو ھوندو آھي. يونيورسٽيون نئين نسل کي پڙھائڻ، ڄاڻ دريافت ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج جي وسيع تر چئلينجز/ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن. جيڪڏهن يونيورسٽيون پنھنجون اھي سڀئي ذميواريون بھتر نموني سان پوريون ڪن ته ان سان قوم ۽ ملڪ جو ڀلو ٿي پوندو. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود به حڪومت جو تعليم ۽ خاص ڪري يونيورسٽين طرف ڪو خاص ڌيان نه رهيو آهي. موجوده وفاقي سرڪار جي قائم ٿيڻ بعد سنڌ جي تقريباً سمورين يونيورسٽين جي مالي حالت تمام گهڻي ابتر ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ گذريل ڪجهه عرصي ۾ يونيورسٽين جي تعداد ۾ اضافو ته ٿيو آهي پر ان سان تعليمي معيار ۾ ڪا بھتري نظر نٿي اچي، جنھن جو سبب ڪجھه ھن مثال وانگر آھي، جيئن اڪثر ڏٺو وڃي ٿو ته غريب ۽ گھڻن ٻارن وارو ماڻهو (ٻار جي پيدائش بعد ان کي زماني جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندو آھي ته ھو پاڻ ئي ڌڪا ٿاٻا کائي وڏو ٿي ويندو). جيتوڻيڪ نئين يونيورسٽين جي ٺھڻ سان تعليمي سھولتن ۾ اضافو ٿيڻ گھرجي، پر مٿئين مثال وانگر سرڪار نوان ادارا اڪثر ڪري تعليم جي واڌاري يا تعليم دوستي ڪري گھٽ پر واهه واهه ڪرائڻ، پنھنجي ماڻھن کي نوڪريون ڏيارڻ، سمورا ٺيڪا من پسندن کي ڏيارڻ لاءِ قائم ڪري ٿي، ان ڪري ان جو نتيجو ڪجهه به نٿو نڪري.