ايڊيٽوريل
پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي ٽين لهر ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پوري ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 42 ماڻهو فوت ۽ 3 هزار 876 ماڻهو متاثر پڻ ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي ڪورونا رپورٽ پڻ پازيٽو اچي وئي آهي. رپورٽون پازيٽو اچڻ بعد وزيراعظم ۽ سندس گهرواري پاڻ کي قرنطينا ڪري ڇڏيو آهي ۽ عمران خان جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد وزيراعطم هائوس جي سمورن ملازمن ۽ وزيراعظم سان ٽن ڏينهن دوران ملندڙ شخصيتن پڻ پنهنجون ٽيسٽون ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن، ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي شرح 9 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، ان ۾ اڃان واڌ ٿي رهي آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا ڪيسن جون گهڻو دٻاءُ پنجاب، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ نظر اچي رهيو آهي. احتياط نه ڪيو ويو ته صورتحال هٿن مان نڪري سگهي ٿي. ڪورونا بابت منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي وئڪسين لڳڻ کان اڳ انفيڪشن ٿي چڪو هو، وزيراعظم جمعي ڏينهن ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڪري جلسو ملتوي ڪيو، جيڪي ماڻهو 2 کان 3 ڏينهن رابطي ۾ رهيا انهن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي. اسد عمر پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي ٽين لهر بنيادي طور تي برطانيا مان آيل وائرس جي ڪري آهي، اڳ کان متاثر شخص کي ٻيو ڀيرو به ڪورونا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ڏکڻ افريڪا برازيل کان مسافرن جي اچڻ تي پابندي هڻي رهيا آهيون. هن چيو ته سياسي قيادت طرفان ڪورونا بابت مثبت پيغام نه پيو ڏنو وڃي، جنهن سبب حالت خراب ٿي رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال رهي ته ملڪ ۾ سخت لاڪ ڊائون لڳائڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچندو، جڏهن ته خبرون آهن ته ڪورونا جا ڪيس وڌڻ بعد پشاور سميت ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.
اسان هتي بار بار اِها اپيل ڪندا پيا اچون ته ڪورونا ڪا عام ۽ معمولي بيماري نه آهي، هيءَ هڪ عالمي وبا آهي، جنهن کي صرف حڪمت عملي ۽ احتياط سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هاڻ جڏهن ملڪ جي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري به ان مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ته ان مان ان جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اسان هتي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري سميت مرض ۾ مبتلا سمورن ماڻهن جي صحتيابي جي دعا ڪندي اِها ئي اپيل ڪنداسين ته خدارا احتياط اختيار ڪيو وڃي، اسان حڪومتن کي به اِها گذارش ڪريون ٿا ته ڪورونا جي مرض کي روڪڻ لاءِ جنهن به قسم جي قدمن جي ضرورت هجي اهي کنيا وڃن ۽ ان کان نه لنوايو وڃي، ڇو ته زندگي خدا جي ڏنل نعمت ۽ امانت آهي، جيڪڏهن زندگي هوندي ته سڀ ڪجهه هوندو، ماڻهو هر شيءِ حاصل ڪري وٺندو پر جيڪڏهن زندگي نه رهي ته پوءِ ڪجهه باقي نٿو رهي. اسان ان حوالي سان ملڪ جي سموري سياسي قيادت کي به اِها گذارش ڪريون ٿا ته سمورا سياسي اختلاف هڪڙي پاسي رکي ڪورونا جي معاملي ۾ جيڪي قدم کنيا وڃن اهي سڀ گڏيل صلاح مشوري سان کنيا وڃن ۽ هڪ قوم وانگر هِن مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي.