ليکڪ: علي محمد ميمڻ
ملڪ جي سياست هڪ ئي وقت ۾ ٻن مختلف رخن تي وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هڪ رخ پارلياماني ۽ جمهوري سرشتي وارو آئيني رستو اختيار ڪرڻ ۽ حڪومت جي باقي رهيل ٻن سالن واري مدي ۾ عام چونڊن ڏانهن وٺي وڃڻ وارو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي جماعت کي ملڪ جي باقي صوبن ۾ متحرڪ ڪرڻ ۽ بحال ڪرڻ لاءِ يقينن عام چونڊن جون تياريون ڪرڻ ۽ عوامي رابطا مهم هلائڻ ۽ جلسا ۽ جلوس ڪرڻ لاءِ اهو عرصو بهترين وقت آهي. پي ڊي ايم جي اتحادي ڌرين طرفان پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومتن خلاف بي اعتمادي واريون رٿون پيش ڪري حڪومتون بدلائڻ واري پيپلز پارٽي جي حڪمت عملي کي قبول ڪرڻ بدران اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ وارو فيصلو ڪرڻ بعد هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پي ڊي ايم جي باقي جماعتن کان ڌار فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن. جنهن تحت پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ واري ڪيل اعلان بعد پاڪستان پيپلز پارٽي انهن فيصلن کان پاڻمرادو آزاد ٿي وئي آهي ۽ هن ملڪ ۾ لانگ مارچ جي ڪيل تيارين کي ختم ڪرڻ بدران انهن کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري ڏينهن تي راولپنڊي ۾ پنهنجو وڏو پاور شو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لانگ مارچ لاءِ تياريون ڪندڙ سموري ملڪ جي جمهوريت پسندن ۽ پارٽي جي جيالن کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان سموري ملڪ کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڏانهن مارچ يا جلسي لاءِ ريلين جو سلسلو شروع ڪرڻ وارا فيصلا پڻ ٿي رهيا آهن. اهي جلوس لانگ مارچ واري مقرر ڪيل رستن تان مارچ ڪري اسلام آباد ۽ راولپنڊي پهچندا. ان وڏي اجتماع ۾ هڪ پاسي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان جلوس ايندا ته ٻئي پاسي کان خيبر پختونخواهه ۽ ٽئين پاسي کان پنجاب ۽ ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ چوٿين رٿا موجب، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن کان پڻ ريليون مارچ ڪنديون راولپنڊي پهچنديون. پارٽي طرفان انهن انتظامن لاءِ سموري سينيئر ۽ جونئير قيادت کي متحرڪ ڪيو ويو آهي ته هو سمورن صوبن ۾ ڊويزنن ۽ ضلعن جي سطح تائين پارٽي ۽ تنظيمن جا اجلاس سڏائين ۽ انهن جي تيارين جا انتظام مڪمل ڪرڻ ۾ مدد مهيا ڪن. 4 اپريل واري جلسي عام جي حوالي سان اهو پڻ ممڪن آهي ته ٻين اتحادي جماعتن کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏني وڃي ۽ انهن جي اڳواڻن کان خطاب ڪرايا ويا. ان ريت، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي جماعت جي سينٽرل ڪاميٽي جي فيصلي وارو جواب پي ڊي ايم کي ڏيڻ کان اڳ ئي هو ساڳي لانگ مارچ ۽ جلسا ڪري اهي سمورا قدم کڻي چڪي هوندي، جنهن لاءِ مولانا ۽ ميان صاحب کي بعد ۾ فيصلا ڪرڻا آهن. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي 10 جماعتن واري سربراهي اجلاس ۾ ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان طرفان لانگ مارچ کان اڳ اسيمبلين تان استعفائون ڏيڻ واري لاڳو ڪيل اوچتي شرط سان جهڙي ريت معاملو بگڙي ويو ۽ اتفاق راءِ سان طئه ڪيل لانگ مارچ کي اتحاد جي فيصلي کانسواءِ ملتوي ڪرڻ وارو جيڪو ٻيو فيصلو ڪيو ويو. ان بعد مسلم ليگ نواز جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي طرفان پنهنجي ميڊيا انٽرويوز ۽ بيانن ۾ ملڪ جي نظام، پارليامينٽ ۽ جمهوري سرشتي کان لاتعلقي جو جيڪو اعلان ڪيو پيو وڃي. تنهن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، پي ڊي ايم جون باقي جماعتون پڻ ملڪ جي سياست ۽ جمهوري نظام ۾ شامل رهڻ بدران ان کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. يقينن اهو ئي سبب آهي جو اسيمبلين تان استعفائون ڏئي لانگ مارچ ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ ڊگها ڌرڻا هڻي ويهي رهڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان رد ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جو پي ڊي ايم سربراهي اجلاس ۾ ڏنل ردعمل نوان رخ اختيار ڪري رهيو آهي ۽ اتحادين ۾ پيدا ٿيل ويڇا لڳاتار وڌي رهيا آهن، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾پيدا ٿيل اختلافي صورتحال بعد ٻئي ڏينهن ئي مولانا فضل الرحمان طرفان نواز شريف سان رابطي کانپوءِ آصف زرداري سان به رابطو قائم ڪيو ويو ۽ لانگ مارچ ۽ استعيفائن بابت ڳالهيون ڪيون ويون ،پر ان ڏس ۾ منظر عام تي آيل صورتحال مان ظاهر ٿي ويو ته، زرداري صاحب ۽ سموري پيپلز پارٽي ئي مولانا ۽ ميان صاحب تي تمام گهڻو ڪاوڙيل آهن. اهي خبرون منظرعام تي اچي رهيون آهن ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ سربراهه ميان نواز شريف ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي طرفان استعيفائون ڏيڻ واري مطالبي کي رد ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ پي ڊي ايم ۾ شامل باقي 9 جماعتون پنهنجي حڪمت عملي جوڙينديون ۽ انهن تي عمل جو جائزو ورتو ويندو. يقيني طور تي پي ڊي ايم جي انهن جماعتن طرفان جيڪي به فيصلا ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسيمبلين تان استعفائون ڏيڻ واري فيصلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شموليت ڪنهن به صورت ۾ ٿيندي نظر نه ٿي اچي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي راولپنڊي واري پاور شو بعد يقينن، پي ڊي ايم واري اتحاد کي پيپلز پارٽي کي اتحاد کان ڌار ڪرڻ نه صرف ناممڪن ٿي ويندو پر ان کي راضي رکڻ لاءِ پڻ جتن ڪرڻا پوندا. ٻي صورت ۾ پي ڊي ايم کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو ڪم ميان صاحب ۽ مولانا کي پاڻ ڪرڻو پوندو.
پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پي ڊي ايم ۾ شامل رهڻ تي اتفاق آهي پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي اتحاد ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو تو اهو عمل پي ڊي ايم کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو قدم هوندو، جنهن تي اتحاد ۾ اتفاق نه ٿي سگهندو. اهو پڻ ممڪن آهي ته، اتحاد ۾ اتفاق وارو ماحول ختم ٿيڻ تي اتحاد ۾ شامل جماعتون پڻ پنهنجن فيصلن ۾پاڻمرادو آزاد ٿي وڃن ۽ ڪجهه جماعتون جن ۾ عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) سردار اختر مينگل ۽ نيشنل پارٽي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان فڪري ۽ سياسي لحاظ کان وڌيڪ ويجهيون آهن اهي پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪري وٺن ۽ اڳتي هلي ملڪ جون جمهوريت پسند، ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتون پيپلز پارٽي سان اتحادي ٿي سگهن ٿيون. ٻئي پاسي ساڄي ڌر جون ڪجهه جماعتون ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان گڏجي سندن پسند موجب سياست ڪن يا تحريڪون هلائين ، لانگ مارچ ڪرڻ يا ڌرڻا هڻڻ جا فيصلا ڪن ته هو پڻ ان ۾ آزاد هونديون ۽ پنهنجي نفعي ۽ نقصان جون هو پاڻ ئي ذميوار هونديون. جيڪڏهن اسان جو اهو تجزيو درست درست ٿئي ٿو ته پوء ان جي معني اها پڻ ٿئي ٿي ته،پي ڊي ايم وارو اتحاد مسلم ليگ نواز، جي يو آء ۽ ٻين مذهبي ۽ ساڄي پاسي وارين ڌرين ۽ جماعتن يا گروپن تي مشتمل جي اتحاد قائم ٿي وڃي !. ملڪ جي سياسي صورتحال جنهن ٻن مختلف رخن تي تيزي سان وڃڻ شروع ڪيو آهي اها ايندڙ ٻن مهينن ۾ وڌيڪ واضح ۽ چٽي ريت، پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت ۾ سامهون اچي ويندي.