537

سنڌي شاعريءَ کي هن وقت سٺن نقادن جي ضرورت آهي، خراب شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته نوجوان مطالعو ڪن: ساقي منصور کوسو

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) نوجوان باغي شاعر ساقي منصور کوسو روزاني ”سوڀ“سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته مشاهدو مطالعي جي ڀيٽ ۾ انساني ذهن تي تڪڙا ۽ گهرا اثر ڇڏيندو آهي،خاص ڪري اهڙن ذهنن تي جيڪي مطالعي کان بلڪل خالي يا ان ڏس ۾ نوان  هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهھ جا نوجوان ليکڪ ۽ شاعر جنهن طرف جي هوا گهلي ٿي ان طرف اُڏري وڃن ٿا. هن چيو ته خراب شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته نوجوان مطالعو ڪن،  غور فڪر ڪن ۽ شين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن، ان ڏس ۾ همدرد ۽ بهترين دوست ٺاهين جيڪي سندن تخليقن تي واهه واهه ڪرڻ بدران انهن تي  تنقيد ڪن، انهن کي صحيح دڳ تي لائين. هن چيو ته ادب دنيا جو  واحد شعبو آهي جنهن ۾ منافقت لاءِ ڪابه جڳھه ناهي، سنڌي ادبي سنگت وٽ سواءِ ماضي جي ڪجھه خوبصورت يادن جي ٻيو ڪجهھ به ناهي. هن چيو ته سنڌي شاعري کي هن وقت شاعرن جي نه پر سٺن نقادن جي ضرورت آهي، سنگت جي موجوده واڳ ڌڻين کي گهرجي ته سنجيدگي سان ان مسئلي تي سوچين ۽ ڪي اپاءُ وٺن، سنڌ ۾ هن وقت به کوڙ سارا مخلص ماڻهو آهن جيڪي شاعري جي حق ۾ ڳالهائي ۽ لکي سگهن ٿا، سنگت کي گهرجي ته اهڙي ماڻهن کي سهولتون ڏئي ڪري انهن کي اڳتي کڻي اچي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي ماضي جيئان ڪلاسز هلائڻ گهرجن، شاخن کي ٽاسڪ ڏنا وڃن، نظم ۽ نثر جي صنفن ۽ ٽيڪنڪ تي پروگرام منعقد ڪرايا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ سنڌي ادب خاص ڪري موجوده سنڌي شاعري پنهنجي شاندار ماضي جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي گم ٿي ويندي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اسان جا ميرا منهن وڃي بچندا. هن چيو ته سنڌي اديب ها ۽ سنڌي شاعر واهه کانسواءِ ٻيو ڪجهھ ٻڌڻ نٿا چاهين، جنهن ادب جي ماهر بزرگن ۽ استادن جو اهو حال آهي ته اندازو لڳايو انهن جي  نوجوان شاگردن جي سوچ ۽ خيال جا پيمانه ڇا هوندا؟  مشاهدو مطالعي جي ڀيٽ ۾ انساني ذهن تي تڪڙا ۽ گهرا اثر ڇڏيندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو