266

لانگ مارچ ضرور ٿيندو ڀلي ان ۾ 9 يا 10 پارٽيون شامل ٿين: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ عيد تائين ملتوي ٿيو ان کي ختم ناهي ڪيو ويو، لانگ مارچ ضرور ٿيندو ڀلي ان ۾ 9 يا 10 پارٽيون شامل ٿين. جاتي امرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته مولانا فضل الرحمان چيو هو ته ن ليگي اڳواڻن ۽ مريم نواز سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن ۾ پي ڊي ايم سربراهه اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هو وچون رستو ڪڍڻ چاهين پيا. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي، لانگ مارچ عيد تائين ملتوي ٿيو ان کي ختم ناهي ڪيو ويو، لانگ مارچ ضرور ٿيندو ڀلي ان ۾ 9 يا 10 پارٽيون شامل ٿين، حڪمرانن جو علاج لانگ مارچ آهي انهن جي مٿي تي ويهڻو پوندو، لانگ مارچ استعيفائن سان گڏ ٿيندو يا ان کانسواءِ، اهو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو