لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) يوٿ ونگ جي صدر ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته آمريت واري دور ۾ ترقي ٿئي ها ته سڄي دنيا ۾ اهو نظام لاڳو هجي ها. ڪيپٽن (ر) صفدر لاهور ۾ يوٿ ڪنوينشن جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته مريم نواز انتقامي ڪاررواين کان ڊڄڻ واري ناهي، هوءَ 26 مارچ تي نيب آڏو پيش ٿيندي. ڪيپٽن (ر) صفدر وڌيڪ چيو ته نيب سياسي انتقام جو ادارو آهي، سياستدانن تي بيضا ۽ مس اڇلائڻ وارو ڪلچر سٺو ناهي. هن چيو ته نوجوان پي ڊي ايم جي ڌرڻي ۾ 3 مهينا به ويهندا ۽ عيدالاضحيٰ به ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ ملهائيندا، جيڪو پي ڊي ايم جي ريل گاڏي ۾ نه ويهندو اهو پڇتائيندو.
250