200

وڳڻ پوليس لاڪ اپ مان 4 ڏينهن اڳ فرار ٿيل ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

وڳڻ (ن سوڀ) وڳڻ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري وڳڻ ٿاڻي جي لاڪ اپ مان چار ڏينهن اڳ فرار ٿيل جوابدار امتياز عرف گري مغيري ۽ ميرو پنھور کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب چوري ۽ منشيات جي ڪيسن ۾ گھربل جوابدارن کي ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ ڦورو لاکا موڙ وٽ ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو آھي. ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي ٻڌايو ته جوابدارن کي مسلسل ڳولا بعد ڳجھي اطلاع تي گرفتار ڪيو آهي، وڳڻ جي حد ۾ ڪنهن به جوا ۽ منشيات فروش کي بخش نه ڪيو ويندو، ڪجھه سفيد پوش شھر جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن، اھي قانون کان بچي نه سگھندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو