282

بابا منهنجي ماءُ کي ڇڏي ڏنو، جنهنڪري رات جي پيٽ ۾ پاڪستان اچڻو پيو: مٿيرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي تڪراري شخصيت، اداڪاره ۽ ميزبان مٿيرا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس والد زمبابوي جو سياستدان هو، جنهن سندس امڙ کي ڇڏيو ته هو رات جي پيٽ ۾ پاڪستان آئي. اداڪاره تازو ئي هڪ ويب شو ۾ نظر آئي، جتي هن انٽرويو ڏيندي چيو ته سندس والد زمبابوي جو سياستدان هو پر اتي جڏهن روبن موگابي اقتدار ۾ آيو ته سندس پيءُ ۽ ماءُ وچ ۾ طلاق ٿي وئي. مٿيرا مطابق سندس پيءُ جو تعلق زمبابوي ۾ مخالف ڌر پارٽي سان هو ۽ هو روبن موگابي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ لنڊن هليو ويو. مٿيرا ٻڌايو ته بابا لنڊن وڃڻ کان پهرين امان کي ڇڏي ڏنو، جنهنڪري رات جي پيٽ ۾ اسان کي پاڪستان اچڻو پيو، هي زندگي جو خطرناڪ ترين واقعو هو، جنهن اسان کي دلي صدمو پهچايو. مٿيرا چيو ته مون کي ان وقت لڳو ته هي تمام وڏو صدمو آهي پر هاڻي سوچيان ٿي ته لڳي ٿو ته جيڪو ٿيو اهو صحيح ٿيو، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته مان پاڪستان ڪيئن اچان ها؟ پاڪستان مون کي وڏو نالو ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو