256

فيصل آباد ۾ بيواهه عورت جي ذهني معذور ڌيءَ سان اجتماعي زيادتي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بيواهه عورت جي ذهني معذور ڌيءَ کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي. پوليس مطابق بيواهه عورت جي ذهني معذور ڌيءَ کي حاجي آباد ۾ مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جوابدارن خلاف نشاط آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي متاثر ناري جي امڙ چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، ڪيس ۾ زيادتي جا قلم به شامل ناهن ڪيا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو