272

سن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اجلاس، آئين ۾ ترميمون، ميمبر سازي مهم هلائڻ جو اعلان

سن (رپورٽ: ساگر سنائي) سن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پنجين ٽينيوئر جي يارهين، ٻن ڏينهن واري جنرل ڪائونسل جو اجلاس پارٽي صدر سيد جلال محمود شاھ جي صدارت هيٺ سائين جي ايم سيد جي  درياهه واري بنگلي تي ٿي گذريو.  اجلاس ۾ سنڌ جي سمورن ضلعي جي عهديدارن، مرڪزي اڳواڻن توڙي سي اي سي جي ميمبرن  وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  سنڌ جي سمورن جنرل ڪائونسل جي ميمبرن ڪارڪردگي رپورٽون پِيش ڪيون. جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايس يو پي جا مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه،  پير خليل جان سرهندي، ڊاڪٽر مشتاق شيخ، جگديش آهوجا، اعجاز ساميٽيو، ايڊووڪيٽ مير محمد مڱريو، امير علي ٿيٻو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، مخدوم شمس ۽ ٻيا موجود هئا. اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ پارٽي طرفان 3 فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ ايس يو پي جي آئين ۾ ترميمون ڪيون ويون، هلندڙ سال جي ٽن مهينن اپريل مئي ۽ جون ۾ پارٽي جي ميمبر سازي مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ جنرل ڪائونسل جو اجلاس  9 ڊسمبر 2021 تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ مرڪزي باڊي جي اليڪشن پڻ ڪئي ويندي. ان موقعي تي ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته عام طرح اسان جي معاشري ۾ هڪ طرف سياست نه سماجي ۽ معاشي گھرجن جي پورائي ڪري سگهي آهي نه ئي ڪا اسان جي ذهني ۽ سياسي اوسر لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي آهي، جنهنڪري عام ماڻهو پنهنجي سياسي اڳواڻن سان پنهنجا ذاتي رستا ۽ لاڳاپا ڪرڻ کي اهميت نه  ڏئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ جو وزير اعظم پاڪستان به اليڪشن ڪميشن تي بداعتمادي ظاهر ڪري چڪو آهي، اڄ به تاريخي قومن ۽ انهن جي تاريخي وطنن جو انڪار جاري آهي، ٿوري گھڻي حاصل صوبائي خودمختياري ڏيئي وري کسڻ جا سانڀاها ٿي رهيا آهن، هاڻوڪي وقت ۾ ملڪ جون حالتون اتي پهتيون آهن جو سڀ مضبوط مرڪز ۽ پابند جمهوري جماعتون اڄ نظام کي بنياد کان تبديلي جي ڳالهه ڪن ٿيون پر عملي طور اهي جماعتون به وري ساڳئي نظام جو تسلسل چاهين ٿيون ۽ عسڪري قوتن جي مدد سان اقتدار حاصل ڪرڻ گھرن ٿيون، انهن سمورين حالتن کي نظر ۾ رکي ايس يو پي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ حقيقي جماعت ثابت ٿيندي. ان موقعي تي ايس يو پي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ شيبا مغل، امير آزاد پنهور ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو